اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارٽي ميمبرن کي مالي سال 2025-26 جي بجيٽ جي منظوري جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي. پارٽي جي سينيئر اڳواڻ شازيه مري ٻڌايو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته هو مالي بِل 2025-26 جي حمايت ۾ ووٽ ڏين. هوڏانهن قومي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت اسان جا سمورا مطالبا مڃي ورتا آهن، ان ڪري بجيٽ جي حمايت ڪئي آهي، حڪومت بي آءِ ايس پي پروگرام جا فنڊز 20 سيڪڙو وڌايا ۽ سولر پئنلز تي ٽئڪس بابت خدشا به ختم ڪيا، پيپلز پارٽي جي تجويز تي هاڻي ايف بي آر وٽ گرفتاري جو اختيار نه هوندو.