اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ خلاف جيل ۾ سائفر ٽرائل کي ڪالعم قرار ڏيڻ جي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وٽ خصوصي عدالت جي حيثيت ختم ڪرڻ جو اختيار ناهي، عدالت حقيقن جوصحيح جائزو ناهي ورتو. عدالتي فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. وفاقي حڪومت پاران درخواست وڪيل راجا رضوان عباسي جي معرفت داخل ڪرائي وئي. درخواست م اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو 21 نومبر 2023 جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو ويو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حقيقتن جو درست جائزو ناهي ورتو. درخواست ۾ اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ، جج ابوالحسنات ذوالقرنين، ڊي جي ايف آءِ اي، آءِ جي، ڊي سي ۽ چيف اليڪشن ڪميشن اسلام آباد سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو.