لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حالتن جي خرابي جو سڀئي اعتراف ڪري رهيا آهن ذميواري ڪير قبولي نه پيو. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته خبر ڏٺي ته وفاقي حڪومت پاران پيٽرول في ليٽر 8 رپيا سستو ڪيو ويو آهي، گڏ ئي خبر پڙهي ته گيس جي قيمت ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. ماڻهن جي چهرن تان مسڪراهٽون گم آهن، خوف ۽ بي يقيني جي صورتحال آهي، چئني پاسي تباهي ۽ بربادي آهي. صدر ۽ وزيراعظم کان وٺي پوليس تائين سڀ حالتن جي خرابي جو اعتراف ڪري رهيا آهن پر زميواري ڪير به قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. هن وڌيڪ چيو ته افغان ڪرنسي پاڪستان کان ٽيڻ تي وڌيڪ مضبوط آهي، بنگلاديش، نيپال، ڀوٽان، سري لنڪا، انڊيا سڀ ترقي ڪيل آهن، ڇا اسان جي معيشت ٺيڪ ۽ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي؟