اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي مذهبي معاملن واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ حج انتظامن تي شديد خدشن جو اظهار ڪيو ويو. مذهبي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري 67 هزار حج جي خواهشمندن جو حج خطري ۾ پوڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته 67 هزار ماڻهو حج تي ويندي نظر نه پيا اچن. ڪاميٽي وزير اعظم شهباز شريف کي معاملي ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ سعودي اختيارين سان رابطو ڪرڻ متعلق سفارش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. سينيٽ جي مذهبي معاملن واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس عطاءُ الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيو. نجي حج ٽوئر آپريٽرز جي صدر ثناءٌ الله ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جي اختيارين تفصيلي بريفنگ ڏني. ثناءٌ الله بريفنگ ۾ چيو ته حج پاليسي جي منظوري ۾ ڪابينا اڍائي مهينا دير ڪئي. جنهن سبب نجي آپريٽرز بر وقت درخواستون جمع نه ڪرائي سگهيا. هن ٻڌايو ته 67 هزار حج جي خواهشمندن جي رقم سعودي عرب منتقل ڪئي آهي پر حج تي وڃڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، سينيٽر رانا محمود الحسن چيو ته ماضي ۾ حج جي اهڙن ئي معاملن تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري کي جيل وڃڻو پيو. ڊپٽي سيڪريٽري حج موقف اختيار ڪيو ته سعودي پاليسي جي مطابق نجي آپريٽرز کي وڏو ڪلسٽرز ٺاهڻ جو چيو ويو هو. جنهن ۾ دير ڪئي وئي. ڪجهه ڪمپنين اسٽي حاصل ڪري ڪوٽا تي عمل کي روڪي ڇڏيو ۽سعودي عرب رقم منتقلي ڪرڻ ۾ به مسئلا سامهون آيا. مذهبي معاملن واري سيڪريٽري اعتراف ڪيو ته نجي آپريٽرز حاجين کان رقم وٺي ڪاروبار ڪندا آهن ۽ ان جي معاهدن، عدالتي منع نامي ۽ وزارت جي سست روي جي سزا 67 هزار حاجين کي ملي رهي آهي. سينيٽر عون عباس سوال ڪيو ته ان 67 هزار ماڻهن جو هاڻي ڇا ٿيندو؟ جنهن تي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري جواب ڏنو ته هي 67 هزار حج جي خواهشمند ماڻهو ته حج تي ويندي نظر نه پيا اچن. 10 هزار جي جڏهن سعودي حڪومت اجازت ڏني ته ان وقت ان سان طئي ٿي ويو هو ته وڌيڪ ڪوٽا نه ملندي. سينيٽ ڪاميٽي متفقه طور تي فيصلو ڪيو ته وزير اعظم شهباز شريف کي خط لکي ملاقات جي درخواست ڪئي ويندي ته جئين هو سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ڳالهائي. سينيٽر عون عباس طنزيه انداز ۾ چيو ته خط اڊيالا جيل مان اچي محمد بن سلمان تائين هليو وڃي ته مسئلو حل ٿي ويندو. مان اُتان خط لکرائي سگهان ٿو. اجلاس جي آخر ۾ ڪاميٽي تجويز ڏني ته جاچ حج کان پوءِ ڪئي وڃي ته جئين موجوده حج آپريشن متاثر نه ٿئي.