حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايوان زراعت سنڌ وفاقي سرڪار کان وفاق جي وحدت کي خطري ۾ وجھندڙ چولستان ڪئنال سميت سمورن ڇھن ئي ڪئنالن جي رٿائن ۽ گرين پاڪستان انيشييٽو پروگرام کي بنا دير ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري مڪمل طور رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سنڌ سرڪار کي سنڌ دشمن ڪئنالن خلاف سنڌ اسيمبليءَ مان فوري ٺھراءُ پاس ڪري سنڌ جي عوام جي آواز سان گڏ بيھڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد زين العابدين شاھ ايوان زراعت سنڌ جي ھيڊڪوارٽر حيدرآباد مان پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌو درياھ سنڌ جي ھزارين سالن جي تاريخ، تھذيب، وجود، بقا ۽ جيئاپي جو ذريعو آھي. سنڌ جا 5 ڪروڙ ماڻھو سنڌو درياھ تي چولستان ڪئنال سميت سمورن ڇھن ئي ڪئنالن کي پنھنجي وجود جي بقا لاءِ سنگين خطرو سمجھن ٿا. ڇو ته ملڪ جي آبي ذخيرن ۾ ايترو پاڻي ئي ناھي جو وڌيڪ ڪئنال ڪڍيا وڃن. هنن چيو ته سنڌ جي وجود کي خطرو پيدا ٿي رھيو آھي ته ان سان وفاق جي وحدت کي پڻ خطرا پيدا ٿيڻ جي خدشي کي رد نٿو ڪري سگھجي. ھي ملڪ گھڻ قومي، تاريخي، تھذيبي اڪائين تي ٻڌل فيڊريشن آھي. ان ڪري وفاق ڪوبه اھڙو اٻهرائپ وارو قدم کڻڻ کان اڳ ۾ سمورن آئيني، قانوني، بنيادي انساني، جمھوري ۽ اخلاقي قدرن جي لتاڙ ڪرڻ بدران سمورين قومي اڪائين جي اھميت کي نظر ۾ رکندي انھن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواء آبي ذخيرن جي حقيقي انگن اکرن کي ڏسندي فيصلا ڪرڻ گھرجن. وفاقي سرڪار جوش بدران ھوش کان ڪم وٺي ۽ ڪئنالن واري اڏاوت جو منصوبو ختم ڪرڻ جو اعلان  ڪري.