اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت هيڪرز کان ليڪ ٿيل ڊيٽا خريد ڪري رهي آهي. صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته 20 آگسٽ کان هينئر تائين وزيراعظم آفيس جي آڊيو ليڪ ٿيندي رهي آهي. اسان تمام گهڻو خرچ ڪري ايجنسين کي جديد سامان کان ليس ڪيو. 340 ڪلاڪن جي آڊيو ليڪ ٿي پر ڪنهن به اداري کي خبر ئي نه آهي. پاڪستان جي وزيراعظم جي آفيس به سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان غيرمحفوظ آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته مريم اورنگزيب ۽ راڻا ثناءُالله بيان ڏنا پر ٻنهي جي بيانن ۾ تضاد آهي. اڃا تائين وزيراعظم آفيس آڊيو ليڪ تي بيان جاري ناهي ڪيو. آڊيو ليڪس جي معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. فواد چوڌري چيو ته هيڪرز جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار ڳالهيون ته اڃا اسان جاري ئي ناهن ڪيو. اسان کي سڀ خبر آهي ته حڪومت ليڪ ٿيل ڊيٽا خريد ڪرڻ جي لاءِ هيڪرز سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته مفتاح اسماعيل کي هٽائي اسحاق ڊار کي آندو پيو وڃي. مفتاح اسماعيل جي باري ۾ جيڪا آڊيو ليڪ ٿي ان تي مفتاح کي پارٽي ڇڏڻ گهرجي. مفتاح اسماعيل کان ڪم ڪڍرائي ان کي بس هيٺيان ڌڪو ڏنو ويو آهي.