حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ ٻين چيو آهي ته حڪومت ٽاسڪ فورس جوڙڻ ۾ مصروف آهي. عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. واپاري ڪمند ۽ سارين سميت سمورن فصلن جا اگهه گهٽائي هارين جو معاشي قتلام ڪري رهيا آهن. حڪومت ننڊ ستل آهي، فصلن جا مناسب اگهه مقرر ڪري انهن تي سختي سان عمل ڪرائي هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتلام ختم ڪيو وڃي. هڪ بيان ۾ هنن چيو ته مخالف ڌر کي چيڀاٽڻ وارا ٽاسڪ فورس جوڙڻ بدران سنڌو درياءَ جو قتل ڪندڙن کي سزا ڏيڻ لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙيو وڃي. غلط معلومات کي روڪڻ لاءِ انٽرنيٽ بند ڪرڻ ۽ ميڊيا تي پابنديون هڻڻ بدران نوجوانن کي ميڊيا لٽريسي جي تعليم ڏني وڃي. جمهوري حڪومتون انٽرنيٽ سميت معلومات جي رسائي جي ذريعن کي قيد ناهن ڪنديون پر ميڊيا لٽريسي کي هٿي وٺرائي نوجوانن ۾ ڄاڻ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ وارو تنقيدي شعور پيدا ڪنديون آهن پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ سدائين سڌي يا اڻ سڌي آمريت رهي آهي. پاڪستان ۾ هن وقت به اڻ سڌي آمريت آهي ان ڪري صحافين کي هراسان ڪرڻ، ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ، انٽرنيٽ بند ڪرڻ، مظلوم قومن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ حڪومت جو پسنديده مشغلو بڻيل آهي. هنن چيو ته شهباز شريف پيپلزپارٽي جي سهڪار سان نوان ڪينال ٺاهي سنڌو سڪائي رهيو آهي. سنڌ جو عوام سجاڳ ٿئي، سنڌو درياءَ تي قبضي خلاف ڀرپور جدوجهد جي ضرورت آهي. سنڌو درياهه جا تاريخي وهڪرا بحال ڪرائڻ لاءِ 22 ڊسمبر تي سکر ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ريلي ڪڍي ويندي جنھن ۾ سنڌ جي سمورن گهڻ گهرن کي شريڪ ٿيڻ جو سڏ ڏيون ٿا.