بجيٽ ۾ ٽيڪسن سان حڪومت جي دل نه ٺري، تيل ا گهن ۾ به واڌ، پيٽرول 5 ۽ ڊيزل 8 رپيا ليٽر مهانگو

0
31
پيٽرول ۽ ڊيزل تي اڍائي رپيا نئون ٽيڪس لاڳو: حڪومت 15 ڏينهن ۾ 46 ارب اوڳاڙيندي
پيٽرول ۽ ڊيزل تي اڍائي رپيا نئون ٽيڪس لاڳو: حڪومت 15 ڏينهن ۾ 46 ارب اوڳاڙيندي

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت مهانگائي ۾ پيڙهجندڙ عوام جو ڪو به احساس نه ڪندي پيٽرول، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ غير معمولي واڌ ڪري ڇڏي نوٽيفڪيشن جاري نيون قميتون لاڳو ٿي ويون. ناڻي وزارت پاران رات دير سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق وفاقي حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر جي قيمت ۾ 7 روپيا 95 پيسن جي واڌ ڪري قيمت 254 روپيا 64 پيسن مان وڌائي نئين قيمت 262 روپيا 59 پيسا مقرر ڪري ڇڏي آھي. ائين وفاقي حڪومت پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 4 روپيا 80 پيسن جي واڌ ڪري پيٽرول جي قيمت 253 روپيا 63 پيسن کان وڌائي 258 روپيا 43 پيسا مقرر ڪئي آھي. پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون رات جو 12 وڳي کان لاڳو ڪيون ويون آهن. ياد رهي ته ملڪ اندر عوام اڳ ئي مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيو آھي عوام جي ڏکيائين جي ڪابه پرواهه نه ڪندي حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام کي غيرمعمولي مهانگائي جو تحفو ڏنو آھي. هوڏانهن معاشي ماهرن تيل اگھن ۾ واڌ سان مهانگائي وڌڻ جو خدشو ڏيکاريو آهي. سندن چوڻ آهي ته تيل اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي کان پوءِ مهانگائي جو وڌڻ لازمي آهي ۽ عام واهپي جي شين جا اگهه به چوٽ چڙهي ويندا. ٻئي طرف پهرين جولاءِ کان نئين مالي سال 26-2025ع جي بجيٽ لاڳو ٿيندي جنهن ۾ پيٽروليم شيم تي لاڳو ليوي ۾ اڍائي رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويندو جنهن سان اگهن ۾ اڃا به واڌ ٿيندي. جڏهن ته ايران ۽ اسرائيل جي جنگ ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جي صورت ۾ تيل جي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه وڌي سگهن ٿا جنهن سان پاڪستان ۾ اگهن ۾ اڃا به اضافو ٿيڻ جو خدشو آهي. جنهن جو غريب عوام تي ناڪاري اثر پوندو.