اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران حڪومت عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ پورا 26 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 331 رپيا 38 پيسا ٿي وئي آهي. جڏهن ته وفاقي سرڪار ڊيزل جي قيمت ۾ 17 رپيا 34 پيسا واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 329.18 رپيا ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت مهانگائي ۾ پيرهجي ويل عوام جو ڪو به احساس نه ڪندي پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙي ۽ غير معمولي اضافو ڪري ڇڏيو، پيٽرول جي في ليٽر قيمتن ۾ 26 رپيا 02 پيسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ 17 رپيا 34 پيسا اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري، قيمتون 16 سيپٽمبر کان لاڳو تصور ٿينديون، تفصيل موجب ڪالهه رات دير سان ناڻي وزارت پاران پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ غير معمولي اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ملڪ اندر مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، وفاقي حڪومت پيٽرول جي في ليٽر قيمتن ۾ 26 رپيا 02 پيسن جو اضافو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ في ليٽر پيٽرول جي قيمت 305 رپيا36 پيسن کان وڌائي نئين پيٽرول جي في ليٽر جي قيمت 331 رپيا 38 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي، ائين هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ 17 رپيا 34 پيسن جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ في ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 311 رپيا 84 پيسن کان وڌائي هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر جي نئين قيمت 329 رپيا 18 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي، نيون قيمتون اڄ 16 سپيٽمبر کان لاڳو تصور ٿينديون. ياد رهي ته نگران حڪومت پنهنجي هڪ مهيني جي مدي دوران پيٽرول جي في ليٽر قيمتن ۾ 16 آگسٽ تي في ليٽر جي قيمتن ۾ 17 رپيا 50 پيسا، جڏهن ته پهرين سيپٽمبر تي 14 رپيا 91 پيسا ڪالهه في ليٽر پيٽرول جي قيمتن ۾ 26 رپيا 02 پيسن جو اضافو ڪيو آهي، ائين في ليٽر پيٽرول جي قيمتن ۾ هڪ مهيني دوران 58 رپيا 47 پيسن جو اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته موجوده حڪومت جي هڪ مهيني دوران هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ مجموعي طور تي 55 رپيا 78 پيسن جو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 16 آگسٽ تي هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ 20 رپيا، پهرين سيپٽمبر تي 18 رپيا 44 پيسا ۽ ڪالهه 17 رپيا 34 پيسا في ليٽر تي ڪيل اضافو شامل آهي.