اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسه چيو آهي ته حڪومت گوڏا کوڙي ڇڏيا هئا، عمران جي آزادي لاءِ تيار هئي، رنڊڪ تڏهن آئي جڏهن چيو ويو ته آزاد ڪري ڇڏيو، اسان جو مطالبو فوري آزادي جو هو، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته وچ ۾ ڪجهه ماڻهن تخريبڪاري ڪري معاملا ڪري ڇڏيا، لطيف کوسه چيو ته اسان جي تحريڪ ختم ناهي ٿي جاري آهي تشڊد سان تحريڪ ختم ناهي ٿيندي پر وڌندي آهي، اسلام آباد به اينداسين ۽ اسان جي حڪومت به هوندي، گهرو وزير ڀڙڪيون هنيون هيون اسلام آباد پهچي ڏيکاريوسين.