اسلام آباد (بيورو رپورٽ / م ڊ)  حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن لاءِ ٿيندڙ ڳالهيون اڱاري تائين ملتوي ٿي ويون آهن. ذريعن موجب حڪومت سيپٽمبر ۾ سڄي ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي، ڌريون لچڪ ڏيکارين ته آگسٽ ۾ چونڊون ٿي سگهن ٿيون. حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ جاري رهيو. تحريڪ انصاف جي وفد ۾ شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري ۽ علي ظفر  پارليامينٽ هائوس پهچي حڪومتي ڪميٽي جي ميمبرن اسحاق ڊار، يوسف رضا گيلاني، اعظم نذير تارڙ، نويد قمر، خواجه سعد رفيق، ڪشور زهريٰ ۽ طارق بشير چيمه سان ڳالهيون ڪيون. پهرئين ڏينهن وارين ڳالهين ۾ پي ٽي آءِ ڳالهين جي پهرين دور ۾ چونڊن بابت 3 شرط حڪومت آڏو رکي چڪي آهي. ٽن شرطن ۾ پي ٽي آءِ پهريون شرط رکيو آهي ته مئي ۾ قومي اسيمبلي ۽ رهيل 2 صوبائي اسيمبليون به ٽوڙيون وڃن، 14 مئي کانسواءِ هڪ ئي وقت چونڊن لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي. آئيني ترميم لاءِ پي ٽي آءِ جون استعيفائون واپس وٺڻيون پونديون، نواز شريف پي ٽي آءِ جي ٽنهي شرطن کي سمجهه کان ٻاهر قرار ڏئي چڪو آهي. ڪالهه ڳالهين جو ٻيو دور ختم ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي حڪومتي ڪاميٽي جي ميمبرن يوسف رضا گيلاني، اسحاق ڊار ۽ ٻين ميڊيا کي آگاهي ڏيندي چيو ته ڳالهين ۾ ڪو به ڊيڊلاڪ ناهي ٿيو. ٻنهي ڌرين پنهنجا پنهنجا پروپوزل ڏئي ڇڏيا آهن، جيڪي في الحال ميڊيا آڏو ظاهر نٿا ڪري سگهجن. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت چونڊن جي تاريخ تي لچڪ ڏيکارڻ جو اشارو ڏيندي جواب ۾ تحريڪ انصاف کان به لچڪ ڏيکارڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته عمران خان تحريڪ انصاف جي ڪاميٽي کي هدايتون ڏنيون آهن ته پوئتي ناهي هٽڻو. ذريعن ٻڌايو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڊيڊلاڪ آهي پر ڳالهين جو ٻيو دور ختم ٿيڻ تي حڪومتي ميمبر خواجه سعد رفيق چيو ته ڪو ڊيڊ لاڪ ناهي. بعد ۾ ڌرين ڳالهيون اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏيون. ٻئي رائونڊ جي پڄاڻي تي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته اسان پنهنجي پنهنجي قيادت سان ملنداسين،ڳالهين ۾ ٻه طرفي اڳڀرائي ٿي آهي. پي ي آءِ ۽ حڪومت هڪ ٻئي کي تجويزون ڏنيون آهن. ٻئي ڪميٽيون اڱاري جي ڏينهن يارهين بجي وري ملنديون.  ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران پي ٽي آءِ آڏو سڄي ملڪ ۾ سيپٽمبر جي مهيني ۾ چونڊون ڪرائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب اپوزيشن ۽ حڪومت لچڪ ڏيکارين ته آگسٽ ۾ چونڊون ٿي سگهن ٿيون. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ سيپٽمبر ۾ چونڊون ڪرائڻ واري تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ذرين موجب  پي ٽي آءِ جي وفد چيو ته عمران خان ويڙهه نٿو چاهي، اليڪشن جي تاريخ تي لچڪ ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي. حڪومتي ٽيم چيو آهي ته جون ۾ بجيٽ پيش ڪرڻي آهي. بجيٽ گذرڻ کان پوءِ اليڪشن جا فيصلا ٿيندا. جنهن تي پي ٽي آءِميمبرن چيو ته بجيٽ کان اڳ اليڪشن جي تاريخ ته طئي ڪري سگهجي ٿي. ذريعن موجب حڪومتي ٽيم ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدي جو به ذڪر ڪيو.  حڪومتي ميمبرن چيو ته معاشي حالتن جي ڪري ضروري آهي ته بجيٽ موجوده اسيمبليون ئي پيش ڪن. ذريعن موجب ڳالهين دوران پي ٽي آءِ نمائندن ٽوڙيل اسيمبلين جي بحالي ۽ قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي واپسي جو ذڪر به ڪيو. جنهن تي حڪومتي ٽيم چيوته اسيمبلين جي بحالي ۽ قومي اسيمبلي ۾ واپسي پيچيده معاملا آهن. حڪومتي ٽيم چيو ته جيڪو فيصلو ٿيو سموريون ڌريون ان تي صحيحون ڪنديون. ملڪي مفادن ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊر گڏيل فيصلو ڪن. ڳالهين دوران حڪومتي ميمبر ايم ڪيو ايم جي ڪشور زهره چيو ته اسان کي پاڻ ۾ ڳالهيون طئي ڪرڻ گهرجن، معاملا طئي نه ٿيا ته ڪو ٻيو اچي ويندو ۽ سڀ روئينداسين. ذريعن موجب اپوزيشن ميمبرن چيو ته حڪومت ٻه مهينا اڳواٽ چونڊون ڪرائي ته اتفاق ڪري سگھجي ٿو، جنهن تي حڪومتي وفد چيو ته اهي سندن تجويز  آصف علي زرداري ۽ نواز شريف جي آڏو رکندا. ميڊيا سان ڳالهايئندي پي ٽي آءِ جي وفد ۾ شامل مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته گرفتارين جو سلسلو ڳالهين جي عمل کي تباهه ڪري ڇڏيندو. منهنجي نظر ۾ اڄ مناسب اڳڀرائي حاصل ٿي آهي. اسان آئين جي دائري ۾ رهي پنهنجو نقطو پيش ڪري ڇڏيو آهي. طئي ٿيو آهي ته اسان جي ايندڙ گڏجاڻي اڱاري تي ٿيندي، آئون ۽ علي ظفر لاهور وينداسين ۽ عمران خان کي اڳڀرائي کان آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته گرفتارين جو سلسلو ڳالهين کي تباهه ڪري ڇڏيندو،گرفتاريون ڳالهين کي خراب ڪرڻ واري ڳالهه آهي. گرفتارين جو معاملو حڪومت جو آهي، جيڪڏهن گرفتاريون ڪيون وينديون ته پوءِ ڳالهين جو ڪو فائدو ناهي. فواد چوڌري چيو ته ڳالهين دوران گرفتاريون ٿي رهيون آهن جيڪي رڪجڻ گھرجن. حڪومتي وزير چون ٿا ته اهي گرفتاريون اهي نه پيا ڪن، حڪومتي ٽيم سان گرفتارين بابت ڳالهايو آهي، سندن ڳالهه عمران خان جي اڳيان رکنداسين.