ٽنڊوالهيار (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو نصرپور ۾ ڪئنال جي خلاف وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪيو. جلسي ۾ علائقي جي عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پنهنجو احتجاج ظاهر ڪيو.ان موقعي تي اياز لطيف پليجو سوين ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو ته ڪئنال جي اڏاوت غيرقانوني طريقي سان ٿي رهي آهي، جنهن سان مقامي ماڻهن جي زرعي زمينن کي نقصان رسي رهيو آهي ۽ هزارين ماڻهن جو روزگار خطري ۾ پئجي ويو آهي. اسان اهڙي زيادتي خلاف خاموش نه ويهنداسين. حڪومت فوراً ڪئنال جي تعمير بند ڪري ۽ سنڌ جي ماڻهن جي رائي جو احترام ڪري. هن وڌيڪ چيو ته: سنڌ جي زمينن تي قبضي، پاڻي جي ورڇ ۾ ناانصافي ۽ مقامي ماڻهن جي حقن جي لتاڙ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. جيڪڏهن حڪومت اسان جي آواز تي ڌيان نه ڏنو ته اسان احتجاجن جو دائرو وڌائينداسين. جلسي دوران ٻين مقامي اڳواڻن به خطاب ڪيو ۽ پنهنجي مطالبن کي زور سان پيش ڪيو. جلسي پُرامن ماحول ۾ ختم ٿيو، جڏهن ته اياز لطيف پليجو آخر ۾ اعلان ڪيو ته جلد ٻيهر وڏي تحريڪ هلائي ويندي.