اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عام چونڊن ۾ نتيجن کي سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت چيلنج ڪري ڇڏيو. اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا جي الزامن تي ٺھيل اليڪشن ڪميشن ڪاميٽي کي به چئلينج ڪيو ويو، درخواست ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر اليڪشن ڪميشن جي مقرري کي به سپريم ڪورٽ ۾ چيئلنج ڪيو ويو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت سپريم ڪورٽ ۾ عام چونڊن کي چئلينج ڪرڻ جي حوالي سان آئيني درخواست داخل ڪرائي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آھي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز جي مقرر ڪالعدم قرار ڏني وڃي. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سمورن فارم 47 کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. اليڪشن ڪميشن پاران جوڙيل اعليٰ سطحي ڪميٽي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ وڌيڪ استدعا ڪئي وئي ته ڌانڌلي جي الزامن جي انڪوائري لاءِ گهرو وزارت کي جوڊيشل ڪميشن ٺاھڻ جو حڪم ڏنو وڃي. جوڊيشل ڪميشن ملڪ اندر اليڪشن نتيجا ڏسي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي جوڙجڪ روڪي وڃي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ڪو به حڪم جاري ڪرڻ کان روڪيو وڃي. ٻئي طرف ذريعن مطابق رجسٽرار سپريم ڪورٽ پاران آخري وقت تائين شير افضل مروت جي ڪا به درخواست وصول ناھي ڪئي وئي.