اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ وزارت قانون ۽ ٻين ڌرين پاران ريويو آف ججمينٽس اينڊ آرڊرز ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري 11 آگسٽ جي فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪئي وئي، جڏهن ته اضافي دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ 15 ڏينهن جو وقت به گهريو ويو، وزارت قانون سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ عدالت کي 11 آگسٽ واري فيصلي تي نظرثاني جي استدعا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته رجسٽرار آفيس پاران اضافي دستاويزن لاءِ 15 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 11 آگسٽ تي ريويو آف ججمينٽس اينڊر آرڊرز قانون کي ڪالعدم قرار ڏنو هو. ايڪٽ ۾ آرٽيڪل 184 ٿري جي ڪيسن جي فيصلي خلاف متاثر ڌر کي اپيل جو حق ڏنو ويو هو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل 3 رڪني بينچ ريويو ايڪٽ خلاف فيصلو ڏنو هو.