رپڙي (رپورٽ: نياز محمد خواجا) رپڙي ڀرسان برسات متاثرين کي اڃا تائين گهر ٺهي نه مليا، 90 خاندان سخت سردي ۾ ڇپرن ۽ کيمن اندر زندگي گذارڻ تي مجبور، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته 4 ڀيرا پ پ ايم پي اي رهندڙ نعيم کرل ڪا به مدد نه ڪئي، خبر موجب رپڙي ڀرسان يونين ڪائونسل نسيم کرل جي ڳوٺ محمد حسن خواجه واسين جا 130 مان 95 گهر 2022 جي برساتن سبب ڊھي پٽ پئجي ويا هئا، جن کي هن وقت تائين گهر ٺهرائي نان ڏنا ويا، جنهن ڪري رهواسي سخت سردي ۾ ڊٿل گهرن ۾ وقت گذارڻ تي مجبور آهن،  ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن سليم احمد، حبيب الله، عبدالحليم خواجه، عزيز احمد، عبدالوھاب ۽ ٻين ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ ۾ 3 گهر نجي ادارن پاران ۽ 4 گهر پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺاھيا ويا آهن، جڏهن ته ٻين ڳوٺاڻن جا گهر ٺهي ناهن سگهيا، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته تڪ جي پ پ ايم پي اي نعيم کرل وٽ وڃي وڃي ٿڪجي پياسين پر هن ڪا به واهر نه ڪئي، هنن چيو ته اسان هر اليڪشن ۾ پ پ کي ووٽ ڏيندا آهيون ۽ نعيم کرل هتان 4 ڀيرا ايم پي اي ٿيو پر برسات متاڙٿن جي ڪا به مدد ناهي ڪئي، هنن چيو ته نعيم کرل جي بنگلي تي وياسين ته منشي چيو ته هو ڪراچي ۾ آهي، هنن چيو ته حڪومتي سروي کانپوءِ نجي اداري پاران پڻ تصديق ڪئي وئي پر ڏيڍ سال گذرڻ باوجود ڪو تدارڪ ناهي ٿي سگهيو، هنن چيو ته ڇپرن ۽ ڦاٽل کيمن ۾ معصوم ٻارڙن سميت سخت سردي ۾ ڏڪندي زندگي گذاري رهيا آهيون، هنن چيو ته پورھيو ڪري پيٽ پاليون ٿا، نوڪري يا زمين ناهي جو گهر ٺھرايون، ھنن سنڌ حڪومت ۽  نجي اداري کان گهر ڪئي ته جلد گهر ٺھرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.