عام چونڊن ۾ ڪنهن جماعت کي سادي اڪثريت به نه ملي سگهي آهي، جو وفاق ۾ ڪنهن جي حڪومت جڙي سگهي. جنهن کانپوءِ گڏيل حڪومت لاءِ ڪوششون شروع ٿي ويون آهن. مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف پ پ، ايم ڪيو ايم (پاڪستان) ۽ ٻين ڌرين سان گڏجي مخلوط حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ رابطن ۽ ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. وڏي تعداد ۾ تحريڪ انصاف جا حمايت يافته آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، پر انهن جو ايترو تعداد نه آهي، جو اڪيلي سر حڪومت جوڙڻ جي لاءِ ڪا حڪمت عملي ٺاهي سگهن، ڇو ته انهن کي به سادي اڪثريت حاصل نه ٿي سگهي آهي. انهن طرفان پڻ مخلوط حڪومت جون ڪوششون شروع ٿي ويون آهن. ٻئي طرف قومي اسيمبليءَ جي سيٽن جو گهڻو انگ حاصل ڪندڙ ڌريون پڻ پنهنجي طرفان جوڙ ٽوڙ ۾ جنبي ويون آهن. مختلف ڌريون آزاد اميدوارن تي داءُ لڳائڻ جي تيارين ۾ پڻ رڌل نظر اچن ٿيون. ڏي وٺ جا معاملا طئي ٿيڻ جون پڻ خبرون اچي رهيون آهن. مانجهاندن ۽ سانجهاندن جي دعوتن جي پڻ مٽا سٽا ٿي رهي آهي. سياسي سوداگريءَ جا پڻ امڪان ڏيکاريا پيا وڃن. ڪامياب ٿيل آزاد اميدوارن کي به هڪ مخصوص وقت اندر ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪرڻي آهي، يا وري اهي پنهنجو ڪو آزاد گروپ جوڙي ان حيثيت ۾ پڻ رهي سگهن ٿا. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هما (پکي) جو پاڇو ڪنهن جي سِر تي پوي ٿو، پر هڪڙي ڳالهه ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪوبه “فائول پِلي” نه ٿيڻ گهرجي.
جهڙي نموني سان هن ملڪ ۾ چونڊ مهم هلائي ويندي آهي، مينڊيٽ چورائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، تيئن ئي حڪومت سازيءَ ۾ به اهي ئي اٽڪلون غالب نظر اينديون آهن. مال پڙيءَ جهڙا منظر نظر اچڻ لڳندا آهن. ڪجهه سياسي واپاري خزانن جون خرزينون ڀري پهچي ويندا آهن. اشرفين جا انبار ڏسي ڪيترن جو ايمان لُڏي ويندو آهي. الفتن جا انتساب تبديل ٿيندا آهن. سڻائي واءَ جي انتظار ۾ ويٺل ڍنڍ جا پکي ڪڏهن هِن ڪناري ته ڪڏهن هُن ڪنارَ هوندا آهن ۽ ان “پاسا پلٽ” ۽ سياسي شعبديبازيءَ جي نتيجي ۾ حڪومت ته جڙي ويندي آهي، پر ذاتي مفادن جي گهوڙين تي بيٺل حڪومت جٽادار نه هوندي آهي. يا وري ننڍن گروهن سان گڏجي جوڙيل حڪومت افعالين ۽ آرکڻين به غير پائيدار ئي هوندي آهي. اها حقيقت آهي ته مخلوط حڪومت ۾ گڏ ٿيل ڌرين جا مفاد به مختلف هوندا آهن ۽ انهن ۾ اڪثر ان حوالي سان ڇڪتاڻ پڻ رهندي آهي. هر وقت اهڙي حڪومت لوڏن ۾ هوندي آهي. اها حڪومت عوام کي گهڻو ڪجهه ڏيئي نه سگهندي آهي. مٿان وري اپوزيشن به سگهاري هجي ته اهڙي حڪومت جا پير کپي نه سگهندا آهن. هن وقت ملڪ بحرانن جي ڪُن ۾ گهوماٽيون کائي رهيو آهي. نئين جڙندڙ حڪومت جي اوليت ملڪ کي انهن بحرانن مان ڪڍڻ هجي، نه ڪي وڌيڪ ڇڪتاڻ سبب بحرانن ۾ اضافو ڪرڻ.
ملڪي تاريخ مان اها پڻ پروڙ پوي ٿي ته هتي اقتدار جي مسند حاصل ڪرڻ لاءِ “فيئر اينڊ فائول” هر طريقو استعمال ڪيو ويندو آهي. گهڻي ڀاڱي “فائول پِلي” ئي مشاهدي ۾ ايندو رهيو آهي. هن ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ سيٽ رکندڙ کي به وزارت عظميٰ جو منصب ماڻيندي ڏٺو ويو آهي. بادشاهه گر عوام آهي پر هن ملڪ ۾ سياست ۽ اقتدار جو انداز ئي “اور” آهي. هتي ڪنهن شخص جي چونڊ ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کي وڪٽري اسٽينڊ تائين آندو وڃي ٿو. حقيقي مينڊيٽ نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. هن ملڪ ۾ هاڻي ايئن نه ٿيڻ گهرجي. حقيقي مينڊيٽ کي اقتدار کان پري رکڻ جو نتيجو هڪ وڏي سانحي جي صورت ۾ ڏسي چڪا آهيون. هن وقت ڪنهن به جماعت کي مرڪز ۾ سادي اڪثريت حاصل نه آهي. يقينن مخلوط حڪومت ئي ٺهندي پر ان حڪومت ٺاهڻ واري ڊوڙ ۾ سياسي اخلاقيات ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري ٿيڻ گهرجي. ليڪا نه لتاڙيا وڃن. اڳ ۾ ئي نتيجن ۾ دير ڪرڻ سان مختلف شڪ ۽ شبها پيدا ٿيا آهن. عالمي سطح تي به چونڊن جي حوالي سان بي اطميناني ڏٺي وڃي ٿي، ويتر حڪومت جي جوڙجڪ واري عمل ۾ جڳ کلائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.