حڪومت جو 9 مئي تي جوڊيشل ڪميشن نه ٺاهڻ جو فيصلو: هفتي ۾ ڪميشن نه ٺهي ته چوٿين ميٽنگ نه ٿيندي: عمران

0
32
حڪومت جو 9 مئي تي جوڊيشل ڪميشن نه ٺاهڻ جو فيصلو: هفتي ۾ ڪميشن نه ٺهي ته چوٿين ميٽنگ نه ٿيندي: عمران
حڪومت جو 9 مئي تي جوڊيشل ڪميشن نه ٺاهڻ جو فيصلو: هفتي ۾ ڪميشن نه ٺهي ته چوٿين ميٽنگ نه ٿيندي: عمران

اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) حڪومت جو 9 مئي بابت جوڊيشل ڪميشن نه ٺاهڻ جو فيصلو، حڪومتي ڪاميٽي پي ٽي آءِ جي مطالبن جو جواب تيار ڪري ورتو، ذريعن موجب حڪومتي ڪاميٽي جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي تي جي ايچ ڪيو، ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملا ٿيا، شهيدن جي يادگارن ۽ مجسمن جي بي حرمتي ڪئي وئي، منصوبابندي تحت فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسز تي جوڊيشل ڪميشن نه ٿي ٺهي سگهي، 9 مئي بابت عدالتن ۾ چالان پيش ٿي چڪا آهن، ڪجهه جوابدارن کي سزا به ملي چڪي آهي، 9مئي جو ڪو به سياسي قيدي نه آهي، پي ٽي آءِ جي مطالبن جو حقيقت سان ڪو به تعلق نه آهي، 26 نومبر کان گم ماڻهن جي فهرست ۽ گرفتار ٿيلن جا تفصيل ڏنا وڃن، پي ٽي آءِ جي دعويٰ آهي ته ڪارڪن به مارجي ويا هئا، اهي تفصيل به ڏنا وڃن، ذريعن موجب حڪومتي ڪاميٽي اسپيڪر اياز صادق وٽ لکت ۾ جواب پيش ڪندي، اسپيڪر حڪومتي جواب ملڻ بعد ڳالهين جي چوٿين دور لاءِ اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪندو. هوڏانهن عمران سان ملاقات بعد اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني چيو هو ته 7 ڏينهن اندر جوڊيشل ڪميشن نه ٺهي ته چوٿين ميٽنگ نه ٿيندي، اسان انتظار ڪري رهيا آهيون ته حڪومت طرفان ڪهڙي اڳڀرائي ٿئي ٿي، جيڪڏهن جوڊيشل ڪميشن نه ٺهي ته ڳالهين جو ڪو فائدو نه آهي، حڪومت ان ڪري پريشان آهي ته فارم 47 جي آهي، حڪومت کي ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڳالهيون سياسي طاقتن سان ٿين يا ڪنهن ٻئي هنڌ ٿين، ان جو منهنجي ڪيسز سان ڪو تعلق نه ناهي، جيل ۾ ملاقات دوران عمران چيو ته ڳالهيون پاڪستان جي مفاد خاطر ڪيون پيون وڃن، جوڊيشل ڪميشن جو مطالبو هڪ آئيني ۽ قانوني مطالبو آهي.