ڪراچي: (م ڊ) حڪومت طرفان عورتن کي ذاتي ڪاروبار جي لاءِ بنا وياج جي قرض ڏيڻ جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان اسٽيٽ بينڪ جي ڊپٽي مئنيجر قراته العين بلال چيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ عورتن کي ذاتي ڪاروبار جي لاءِ بنا وياج جي قرض جي سهوليت ڏني آهي. هاڻ عورتون گهر ويهي آن لائين درخواست جمع ڪرائي پنج لک روپين تائين آسان قرض حاصل ڪري بهتر روزگار جو سلسلو شروع ڪري سگهن ٿيون. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ عورتون 48 سيڪڙو آهن ٿورو انگ هجڻ جي باوجود عورتون هن وقت پنهنجو ذاتي ڪاروبار ڪري رهيون آهن.