اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي بابت ڪيس ۾ حڪومت آمريڪي عدالت ۾ معاون ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کان پڇا ڪئي ته آمريڪا ۾ ڪيس ۾ معاون نه بڻجڻ جا سبب ڪهڙا آهن. ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان جي سربراهيءَ ۾ ٿي، وڪيل عمران شفيق، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته حڪومت آمريڪي عدالت ۾ ڪيس ۾ معاون نه بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪارڻ معلوم ناهي، عدالت رمارڪس ڏنا ته بغير ڪنهن ڪارڻ جي ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويندو، ائين نٿو ٿي سگهي ته صرف فيصلي کان عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي ۽ ڪارڻ نه ٻڌايو وڃي. ايندڙ ٻڌڻي تي ڪارڻ متعلق عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چار جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.