ميرپورخاص (رپورٽ: وارث خاصخيلي) ميرپورخاص شهر جا بنيادي مسئلا پ پ جي 5 سالن جي حڪومتي مدي تائين حل نه ٿي سگهيا آهن، پي ايس 47 تان چونڊيل اڳوڻي سينيٽر، صوبائي وزير ۽ ايم پي اي هري رام ڪشوري لال ۽ اين اي 218 تان ڪامياب پ پ کان ناراض آزاد ايم اين اي سيد علي نواز شاهه ميرپورخاص شهر کي ننڌڻڪو ڇڏي ڏنو، محمود آباد، علي ٽالپر ٽائون، سيال ڪالوني، انڊر گرائونڊ پُل، رحيم نگر، صوفي ٽائون، شادمان سٽي، نٽ پاڙو، بخاري ٽائون، اسماعيل شاهه ڪالوني، سليمان ڪالوني، هاشم نگر، مهراڻ ڪالوني، غوثيا ڪالوني سميت ڪيترن ئي هنڌن تي هر وقت گندو پاڻي بيٺل رهي ٿو، پر شهر جي صفائي لاءِ ڪو موثر پلان نه جڙي سگهيو. شهر ۾ ٽريفڪ جو مسئلو به هر وقت رهي ٿو، مک بازارن ۽ روڊن تي حددخليون هجڻ ڪري ٽريفڪ جو نظام درهم برهم رهي ٿو، شهر لاءِ ڪيتريون ئي اسڪيمون منظور ٿيون پر اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيون آهن. 5 سالن دوران اربين رپين جي بجيٽ رکندڙ سول اسپتال اڃا تائين بهتر ناهي ٿي سگهي. 3 ارب جي اسڪيم ميگا ماسٽر پلان به اڃا رولڙي جو شڪار آهي، پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ اٽڪل هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جو 3 اسڪيمون منظور ٿيون هيون، جيڪي 5 سالن دوران رڳو ڪاغذن تائين محدود رهيون. شهر اندر جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي، شهري اڄ به پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ واجهائي رهيا آهن. شهر جي اڪثر علائقن ۾ لڳل فلٽر پلانٽ به ناڪارا بڻيل آهن. شهر جي ڪيترن ئي اسڪولن جي حالت بدتر آهي، عمارتون زبون آهن، انهن کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومتي نمائندن ڪو به قدم نه کنيو. شهر ۾ بجلي ۽ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ به وڏو مسئلو آهي، پر چونڊيل نمائندن سموري مسئلي تي ڪو به ڌيان نه ڏنو.