اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزارت نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيو، ذريعن مطابق نيب اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، نيب اهڙي سفارش احسن اقبال خلاف نارووال اسپورٽس سٽي جي نيب ۾ هلندڙ ڪيس کي سامهون رکي ڪئي هئي، جنهن بعد وفاقي ڪابينا احسن اقبال جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، گهرو وزارت احسن اقبال جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هاڻي احسن اقبال پرڏيهه سفر نه ڪري سگهندو.