ننگرپارڪر (ن پ ا) حڪومتي پنج سال پورا ٿي ويا ، هڪ صوبائي صلاحڪار ، هڪ سينيٽر ۽ ايم اي اي ۽ ايم پي اي نگرپارڪر جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، ارباب حڪومتي دور ۾ منظور ٿيل اسلام ڪوٽ کان ننگرپارڪر تائين 55 ڪروڙن جي لاڳت سان سنڌو دريا جو پاڻي پهچائڻ واري اسڪيم پيپلز پارٽي جي 15 سالن جي حڪومتي دور ۾ رولڙي جو شڪار رهي، ايم پي اي قاسم سراج سومرو اليڪشن مهم دوران علائقي واسين کي ٽينڪرن ذريعي فراهم ٿيندڙ پاڻي به ايم پي اي طور ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ بند ڪري ڇڏي هئي. جڏهن ته ايم اين اي پير اميرعلي شاهه جيلاني به اليڪشن کانپوءِ علائقي واسين کي وساري ڇڏيو هو ، ننگرپارڪر شهر واسي اڄ به چائناڪلي فيڪٽرين جي پاسي ۾ مٽي سان ڀريل گدلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن. پيئڻ جو مٺو پاڻي نه ملڻ ڪري کارو پاڻي واپرائڻ سبب شهري پيٽ جي بيمارين ۾ وڪوڙجڻ لڳا ، جڏهن ته واٽرسپلاءِ جي پاسي ۾ چائناڪلي فيڪٽرين خلاف به حڪومت ڪاروائي ڪرڻ بدران شهرين کي چائناڪلي مٽي مليل گدلو پاڻي پيئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو .