اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي سڌ سماءَ وارو وزير ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر اڄ قومي سلامتي تي سياسي پارٽين کي بريفنگ ڏيندا. سڌ سماءَ وزارت موجب وفاقي وزير اطلاعات عطاءَ تارڙ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف سياسي پارٽين کي بريفنگ ڏيندا، سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي قومي سلامتي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي، بريفنگ پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ ۽ ان جي اثرن بابت هوندي، پاڪ فوج جي تيارين، سفارتي قدمن ۽ سياسي موقف کان آگاهه ڪيو ويندو، موجوده صورتحال ۾ بريفنگ قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ اتفاق جو وڏو مثال آهي.