ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) حڪومتي پاليسين سبب ڪڻڪ کانپوءِ ڪپهه جا آبادگار، ڪاٽن جنرز ۽ ٽيڪسٽائل ملرز سٽجي ويا، ان ڏس ۾ ڪاٽن جنرز فورم جي چيئرمين  احسان الحق جو چوڻ هو ته  حڪومت پاران ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ ڪپهه ۽ سٽ (ڌاڳي)  تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ ۽ پرڏيهي ڪپهه ۽ سٽ کي ڊيوٽي فري ڪرڻ سبب  ملڪ ۾ نئين بحران جنم ورتو آهي، هن وقت ملڪي  ڪپهه جا خريدار نه هجڻ ڪري اگهه گهٽجي ساڍا 17 هزار رپيا مڻ تي پهتو آهي،  هن ٻڌايو ته آبادگارن، ڪاٽن جنرز ۽ ٽيڪسٽائل ملز وٽ ملڪي ڪپهه جو ذخيرو هجڻ باوجود امپورٽرز ڊيوٽي فري هجڻ سبب پرڏيهي ڪپهه جي 50 لک ڳٺڙين جا سودا ڪري ڇڏيا آهن، نومبر مهيني تائين ڏيساور مان  ڪپهه جون 11 لک ۽ سٽ جون 6 لک ڳٺڙيون ڏيهه اچي چڪيون آهن، اهڙي صورتحال سبب آبادگار ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ڪمند پوکڻ گهٽائي ڇڏيندا، سرڪار امپورٽ روڪي مقامي ڪپهه ۽ ڌاڳي تان 18 سيڪڙو جي ايس ٽي ختم ڪري