اسلام آباد: پوسٽ بجيٽ تي پريس ڪانفرنس دورن وفاقي ناڻي سيڪريٽري چيو ته حڪومتي خرچن ۾ ان کان وڌيڪ گهٽتائي نٿي ٿي سگهي، جن شعبن ۾ خرچ وڌيا آهن اُتي شديد ضرورت هئي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي خرچن ۾ صرف ٻه سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ناڻي سيڪريٽري ٻڌايو ته مالي سال 23/2022 ۾ وفاقي حڪومت جي خرچن ۾ 15.9 سيڪڙو اضافو ٿيو. 24/2023 ۾ حڪومتي خرچن ۾ 12.2 سيڪڙو اضافو ٿيو. هاڻي اسان جا خرچ 10.3 سيڪڙو وڌيا آهن جن ۾ 7.5 سيڪڙو افراط زر ۽ پگهارن ۾ اضافو شامل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 94 کرب يا ان کان وڌيڪ نقد تي ٻڌل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻي آهي جنهن لاءِ ڪيترين ئي تجويزن تي ڪم جاري آهي.