حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته ڪمند جو اگھ 600 رپيا مڻ مقرر ڪري جلد شگر ملون چالون ڪيون وڃن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سرڪار پاران ڪمند جو مقرر ڪيل اگهه 425 رپيا في مڻ آبادگار ۽ ھارين کي قبول ناھي ڇاڪاڻ ته فصلن تي سندن وڏو خرچ اچي ٿو ۽ جنهن حساب سان آبادگار فصل تي خرچ ڪن ٿا ان حساب سان کين فصل جو اگهه نٿو ڏنو وڃي جيڪا ساڻن ناانصافي آهي. هن چيو ته حڪومتي بي ڌياني سبب سنڌ ۾ زراعت به بدحالي جو شڪار آهي. ڪمند سميت ڪڻڪ، ڦٽين توڙي سارين سميت ٻيا فصل جيئن ئي لهن ٿا ته واپاري هٿ وٺي اگهه ڪيرايو ڇڏين جنهن سان آبادگار ۽ هارين جو معاشي قتل ٿيندو رهي ٿو جڏهن ته زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪندڙ واپارين توڙي ڊيلرز خلاف حڪومتي سطح تي ڪا ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. هن مطالبو ڪيو ته نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاررواويون ڪري پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ سان گڏ آبادگارن کي فصلن جا اگهه خرچ جي حساب سان ڏنا وڃن ته جيئن سنڌ ۾ خوشحالي ٿئي جڏهن ته آبادگار توڙي هارين کي زراعت ۾ اڳڀرو ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر توڙي زرعي مشينري آسان قسطن تي فراهم ڪئي وڃي.