ٺٽو (رپورٽر) ورڪس اينڊ سروس ۽ جيلن واري کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو آھي ته پيپلز پارٽي ھميشه عوام جي نمائندگي ڪئي آھي ، ٺٽي سميت سڄي سنڌ ۾ ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جاري آھي جڏهن ته ٺٽي ۾ پڻ روڊ رستن، پيور بلاڪ، شاخن کي پڪو ڪرڻ سميت ڊرينيج کي بھتر بنائڻ لاءِ ڪم ڪري رھيا آھيون ته جيئن ھن علائقي جي ماڻھن کي ھر ممڪن سھولت فراھم ٿي سگھي. ٺٽي ويجھو پ پ اڳواڻ حاجي گل محمد سمون سان سندس ڀائٽي جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومتون اسڪيمون يا منصوبا ته ڏينديون آھن پر اسان کي انھن جي مالڪي ڪرڻي پوندي جيستائين اسڪولن جي ڳوٺاڻن پاڻ مالڪي نه ڪئي ته تعليم جو نظام بھتر ٿي نه سگهندو. هن چيو ته پنجاب ملڪ جو وڏي ۾ وڏو صوبو آھي جتي 7 لک سرڪاري ملازم آھن جڏھن ته سنڌ ننڍو صوبو ھئڻ جي باوجود 5 لک سرڪاري ملازم ڪم ڪري رھيا آھن ۽ ان جو مک سبب پ پ وڌ کان وڌ ماڻھن کي روزگار مھيا ڪيو آھي هن وڌيڪ چيو ته جيلن ۾ قيدين جي انساني حقن جو خاص خيال رکيو پيو وڃي، قيدين لاءِ تعليم، صحت، تربيت ۽ بحالي جي سھولتن کي وڌا.ڻ سان گڏ جديد دور جي ضرورتن مطابق جيلن جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ قدم کڻندي پاڻي، صفائي، سيڪيورٽي، سي سي ٽي وي سسٽم جو بندوبست ڪيو ويو آھي جڏهن ته قيدين کي معاشري لاءِ ڪارائتو فرد بنائڻ لاءِ سندن فني تعليم تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن ھو سزا پوري ٿيڻ کانپوءِ معاشري ۾ عزت سان زندگي گذاري سگھن ھن جو اهو به چيو ته 15 سالن کان رولڙي جو شڪار بڻيل ڊسٽرڪٽ جيل ٺٽو جو ڪم به ھن وقت هنن مڪمل ڪرايو آھي جنھن جو پڻ جلدي افتتاح ڪرايو ويندو جڏهن ته ٺٽو ضلعو پ پ مضبوط قلعو آھي ۽ سندن به ڪوشش آهي ته ھتان جا عوامي مسئلا ۽ مطالبا ترجيح بنيادن تي حل ڪيا وڃن