ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير سول سوسائٽي کان حڪومتي ادارن جي بهتري لاءِ تجويزون طلب ڪيون آهن. ان حوالي سان ڪالهه نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان سول سوسائتي جي مختلف اڳواڻن ريما عمر، ڊاڪٽر عبدالباري، خضر حبيب، ڊاڪٽر طارق ۽ ٻين وزيراعلي هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران  وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت صحت ۽ تعليم جي  مختلف خانگي ادارن کي فنڊنگ ڪري ٿي، فنڊ ڏيڻ باوجود به تنقيد کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، هن چيو ته حڪومتي فنڊنگ باوجود بهتري ناهي آئي اسان جو مقصد اسڪول، صحت ۽ مڪاني نظام کي بهتر بڻائڻ آهي. هن سول سوسائٽي جي اڳواڻن کي چيو ته بهتري لاءِ تجويزون ڏنيون وڃن ته جيئن عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري سگھجي.