اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف حڪومتي اتحاد ۾ شامل جماعتن کي گڏيل چونڊ نشان ”لوٽو“ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري ان حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هڪٻئي خلاف رهندڙ جماعتون چونڊ اتحاد طرف وڌي رهيون آهن، لازم آهي ته انهن سمورين جماعتن کي هڪ چونڊ اتحاد تصور ڪيو وڃي، فواد خط ۾ لکيو ته حڪومتي اتحادي جماعتن جا انفرادي چونڊ نشان روڪي هڪ نشان ڏنو وڃي، اسانجي راءِ آهي ته کين لوٽي جو نشان بهتر هوندو.