خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ثمينه منگي جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪنب ٿاڻي جي ايس ايڇ او، کهڙا ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. ساڳي عدالت عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي هڪ ڀنگ خاطر ڳوٺاڻي کي اغوا ڪرڻ ۽ پوليس سان مقابلي جي الزامن هيٺ داخل ٿيل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ڪنگري جي ڳوٺ خواجا جي رهواسي ڪريم ڏنو ولد علي بخش خواجه خلاف قلم 88 جي ڪاروائي ڪندي کيس اشتهاري قرار ڏيندي سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ لاءِ مختيارڪار ڪنگري کي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي.