هن ڌرتيءَ تي انسان هڪ اهڙو سماجي جانور آهي جيڪوپيداواري شين ۽ خدمتن جي حصول لاءِ گڏيل مفادن هيٺ هڪ ٻئي سان پيار، اُنسيت ۽ تعاونجي ڪري مڪمل طور هڪ ٻئي تي انحصار ڪندڙ بڻجي چڪو آهي. خود انحصاري کان هڪ ٻئي تي انحصاري تائين جو تاريخي سفر سيڪنڊن ۾ طئي ڪون ٿيو آهي پر ان منزل تي پهچڻ لاءِ انسان کي لکين سال لڳي ويا آهن.هڪ پاسي هڪ ٻئي تي انحصاري انسانن کي جھنگن ۽ غارن ۾ هر وقت موت جي خطرن ۾ گھيريل ۽ انهن کي منهن ڏيڻ واري پٿر جي دور کان هينئر جِيپُرآسائش ۽ قديم بادشاهن کان سئو ڀيرا سهڻِي زندگيءَ کي حقيقت جو روپ بخشيندڙ هٿرادو ذهانت جي ابتدائي دور تائين وٺي آئي آهي. ٻئي پاسي وري انسان جي هن عظيم نعمت (هڪ ٻئي تي انحصاري) جي ناڪاري استعمال يعني مفت-خوري ۽ بدعنواني جي ڪري نه رڳو انفرادي ۽ گروهي پر اجتماعي طور تي سڄي انسانذات لاءِ عالمي سطح تي ناقابلِ تلافي مسئلا پڻ پيدا ڪيا آهن. اهڙن مسئلن ۾ مفاد پرستي ۽ غير صالح ترقي، طبقاتي ۽ معاشي اڻبرابري، ماحولياتي آلودگي ۽ آبهوائي تبديلي، جنگيون ۽ تنازعا، دوائن جو غير ضروري استعمال ۽ جراثيمي مزاحمت، سماجي ۽ صنفي اڻبرابري، تنقيدي يا سائنسي علم ۽ ان جي عالمن جي بربادي، انفرادي ۽ قومي توڙي ملڪي غلامي اچي وڃن ٿا. هن مضمون ۾ اسان پارن ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ باالعموم، ۽ پاڪستان ۾ باالخصوص، موجود خلايعنيطبقاتي اڻبرابري جي حوالي سان حڪمران ۽ عوام جي طبقن ۾ موجود فرق ۽ تضاد بابت بحث ڪنداسين.
اسان جي پياري ملڪ ۾ جيڪي ڳالهيون ۽ شيون عروج تي آهن انهن ۾ اڪثريت جو بُڻ بڻياد ذاتي مفاد-پرستي، بدعنواني ۽ سماجي انتشار تي ٻڌل آهي. هن ناڪاري مقصد لاءِ اسان جي ملڪ جي طاقتور ادارن ۽ سندن منتظمين (حڪمرانن) هٿ وٺي گذريل مُني صدي کان اهڙو اڻ لکيل دستور، سوچ، نظريو ۽ فلسفو نه رڳو متعارف ڪرايو آهي، پر ان کي سڌي ۽ اڻ سڌي ريت مسلسل هَٿِي ڏئي جيئاريو پڻ آهي. نتيجي ۾ اسان وٽ خدا بڻيل حڪمران ۽ غربت ۽ بي وسي ۾ ڏتڙيل عوام جا ٻه سماجي طبقا وڃي بچيا آهن؛ وچيون ٽيون طبقو يا ته ختم ٿي چڪو آهي يا وري مٿين سماجي اثرن جي ڪري پنهنجو آواز ۽ اثر وڃائي چڪو آهي. هڪ انتها تي اسان جوحڪمران ٽولو (فوج ۽ سندن مهرا بڻايل چونڊيل نمائندا، آفيسرشاهي/ اشرافيه، ڀوتار، سردار ۽ وڏيرا) آهي جن ۾ شامل طاقتور ماڻهوعوام جو ٽيڪس ۽ ٻيا سڀ وسيلا لُٽيڄڻ ته خدا بڻيل آهن ۽ دنيا جهانَ جي سڀني نعمتن، آسائشن ۽ خوشين سان پنهنجون زندگيون جنت بڻايو ويٺا آهن.ٻِي انتها تي اسان جي عوام پنهنجي جيئڻ جو حق به لُٽائي چڪي آهي ۽ غريب ۽ ڏتڙيل ماروئڙن جون زندگيون وقت جي جابر حاڪم جي مسلسل مفادپرستي، بدعنواني، ناانصافي ۽ استحصال جي ڪري جهنم بڻجي چڪيون آهن.
جيڪڏهنعوامي ادارن جي ڳالهه ڪجي ته سڀ ابتا بڻجي چڪا آهن.هر سال ملڪي بجيٽ جو ستر سيڪڙو ڳڙڪائيندڙ خاڪي وردي وارا، جن جو ڪم فقط ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪندڙ آهي، هاڻي هر اداري ۾ گھڙيا ويٺا آهن ۽ عوام جي پگھر، رت ۽ ست جي پورهئي جي جمع پونجِي يعني ٽيڪس کي مالِ غنيمت سمجھي پنهنجِي مرضي سان پاڻ ۾ ورهائي هضم ڪيو ويٺا آهن. نتيجي ۾ موثر انساني ۽ مادِي وسيلن جِي هٿ-ٺوڪِي کوٽ جي ڪري اسان جا اڪثر تعليمي ادارا جهالت ۽ تقليدي سوچ پيدا ڪندڙ ۽ ان کي فروغ ڏيندڙ درسگاهون بڻجي چڪا آهن؛ اسان جون اڪثر اسپتالون ۽ روڊ رستا موت-گھر بڻجي چڪا آهن ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرَ ۽ اسٽاف مسيحا بدران موت جا فرشتا بڻجي چڪا آهن؛ اسان جيپوليس-ٿاڻن ۽ انهن جي عملدان جو ڪم عوام جي جان، مال ۽ آبرو جي حفاظت نه پر بي گناهن، بي پهچن، غريبن ۽ نڌڻڪن کي ٿاڻن تي واڙي تشدد وسيلي قتل يا اپاهج ڪرڻ، سندن مال ملڪيت ڦُرڻ ۽ سندن عزت آبرو تار تار ڪري کين بڇڙو، بيعزتو ۽ ذليل ڪرڻ آهي ۽ بدعنوان بالا آفيسرن، چونڊيل نمائندن ۽ ڀوتارن کي خوش ڪرڻ آهي پوءِ اهي ڪهڙي به طرح خوش ٿين! وڏيون ٻوڏون، شديد برساتون ۽ قدرتي آفتون جتي بي پهچ ۽ ڏتڙيل عوام لاءِ ناقابلِ تلافي مصيبتن ۽ عذابن جو اڀاڳو نياپو آهن، اتي اهي اسان جي بد عنوان حڪمرانن ۽ مقامي انتظاميه لاءِ متاثرين لاءِ ملندڙ ڏيهي ۽ پرڏيهي امداد طور مليل راشن، تنبوئن ۽ اربين کربين روپين جا فنڊ هڙپ ڪرڻ جو سونهري سنيهو ۽ موقعو هونديون آهن.
مٿئين حڪمران طبقي جي سڀني فردن يا سندن کاٽو پُٽ ننڍن ملازمن (جرنيلن، وزيرن، سيڪريٽرين، ڊائريڪٽرن، ڪمشنرن، پوليس آفيسرن، انجنيئرن، مختيارڪارن توڙي سندن تپيدارن ۽ ڪلارڪن) جا گھر ڪشادا، محل-نما، دنيا جهان جي آسائشن ۽ خوبصورتي سان مُزَين، نوڪرن چاڪرن جي خدمتن سان سندن لاءِ جنت نظير بڻيل هوندا آهن. انهن جي ماني جي ميز تي ويلي تي ست طعامن سان گڏ ميون جو جوس، بوتلون يامنرل واٽر پيش ٿيڻ هڪ عام ڳالهه آهي. هنن لاءِ هر پارٽي ۽ پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ قيمتي نئون وڳو پائڻ بنهه هڪ ريت ۽ روايت آهي. هنن کي اچ وڃ ۽ سفر لاءِ مهانگيون فور-ويل گاڏيون ۽ هوائي ٽڪيٽون هر وقت هڪيون تڪيون تيار ملنديون آهن. هنن جي ڪابه اخلاقياتڪونهي ۽ ڪو به مذهب ڪونهي، پر اهي مروج اخلاقيات ۽ مذهب کي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪندي عياشيون ڪندا آهن، پنهنجا مفاد حاصل ڪندا آهن ۽ وفاداريون تبديل ڪندا آهن. هنن جي لاءِ بيمار ٿيڻ تي ماهر ۽ مهانگا ڊاڪٽر سندن گھر اچي علاج ڪندا آهن يا وري وڏن شهرن ۽ ملڪن ۾ اهي پنهنجو بهترين علاج ڪرائڻ ويندا آهن. انهن جي سير سپاٽي ۽ تفريح لاءِ ملڪي توڙي غير ملڪي ماڳن مڪانن ڏانهن ياترا عام ڳالهه آهي. انهن جي غير قانوني ڪمن ۽ سرگرمين ۾ قانون رڪاوٽ نه پر پروٽوڪول فراهم ڪندڙ هوندو آهي.
ٻئي پاسي هڪ عام مزدور ۽ ادنيٰ ملازمننڍي، ڪچي ۽ ڪمزور گھر ۾ رهڻ کي به غنيمت ڄاڻي ٿو، ڇو ته ڪيترائي مسڪين ۽ بي روزگار ماڻهو يا ته ڪکاون گھرن ۾ رهن ٿا يا وري بي-گھر ٿي فوٽ-پاٿن تي سمهن ٿا. عام مزدور يا ننڍو ملازم ٻچڙن جي هڪ ڏينهن جي ٻن ويلن جِي رُکِي-سُکِي مانيءَ لاءِ ڪڻڪ جي اٽي جا ٻه ڪلو به مشڪل سان وٺي سگھي ٿو؛ هو ويچارو پيئڻ لاءِ منرل واٽر جي بوتلن جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگھي، ان ڪري بدعنوان لوڪل گورنمينٽ (ميونسپل ڪاميٽي، ٽائون ڪاميٽي، يونين ڪائونسل) جي واٽر سپلاءِ لائين مان فراهم ڪيو ويندڙ بدبودار گٽر وارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي. هي مسڪين ۽ مجبور ماڻهو اچ وڃ لاءِ گھڻو تڻو گوڏا گاڏي (پنڌ) تي انحصار ڪري ٿو، باقي ڊگھي رستي ۽ سفر لاءِ عوامي آمدرفت جي ذريعن جهڙوڪ رڪشن، بسن، وينن ۽ ريل گاڏين کان وڌيڪ سوچي ئي نه ٿو سگھي.هڪ غريب شهري ۽ ننڍي ملازم وٽ پائڻ لاءِ سالن جا سال ساڳيا سادا ڪپڙا جن کي ڌوئِي بار بار پيو استعمال ڪندو آهي، باقي ٻچڙن لاءِ نوان ڪپڙا جي ڪنهن عيد برات تي ورتائين ته وڏي ڳالهه آهي نه ته لنڊي مان پاتل ڪپڙن تي پيو شڪر ڪندو.
ڳالهه جو ڳر اهو وڃي بيهي ٿو ته پاڪستان ۽ سنڌ جي حڪمرانن غريب عوام کي هر حال ۾ هڪ طرفِي وفاداري ۽ هڪ طرفِي مذهبي اخلاقيات جي آڙ ۾ ٻه-ٽنگو ڦاسائي سندن ووٽ کي يرغمال ڪري پنهنجي اقتدار تائين پهچڻ جا دروازا ۽ لنگھَ سدائين لاءِ کولي ڇڏيا آهن. نتيجي ۾ هڪ غريب شهري ۽ ننڍي ملازم جي ڄمار جو ڳچ حصو آلوده پيئڻ جي پاڻي ۽ غذائي کوٽ جي ڪري بيمارين ۽ سرڪاري اسپتالن جي پنڌن ۾ گذري ٿو، جيڪوصحت ۽ تندرستي جي منزل بدران دير سوير قبر تي اختتام پذير ٿئي ٿو ۽ کيس ظلمن کان هميشه لاءِ مُڪتي ڏئي ٿو! جڏهن ته حڪمران طبقو عوام جي مال (ٽيڪس) ۽ وسيلن جي استحصال سان پنهنجي زندگي جيئري ئي جنت بڻايو ويٺو آهي!