مٽياري(رپورٽر) ايس ٽي پي سربراھه ڊاڪٽر قادر مگسي مٽياري ويجھو ڳوٺ ڪرڙ خان کوسو پھچي ايس ٽي پي اڳواڻ ميرڻ کوسو جي وفات تي پونئرن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ايس ٽي پي سربراھه ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ ھو ته سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف جھڙي طرح پوري سنڌ سراپا احتجاج آھي ان جو اھو فائدو ٿيو آھي جو اڄ حڪمران پيپلزپارٽي به ان موقف جي تائيد ڪئي آھي جنھن پيپلزپارٽي جي شريڪ چئرمين انھن ڪئنالن جي پرپوزل تي صحيح ڪئي اڄ سنڌي عوام جي سامھون ان پارٽي جي حڪومت ان منصوبي جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. اھا سنڌ جي قومپرست ڌرين جي ڪاميابي آھي ھن چيو ته ٻن مھينن کان اسان جي احتجاجي تحريڪ جاري آھي ۽ جاري رھندي ھڪ سوال جي جواب ۾ ايس ٽي پي چيئرمين جو چوڻ ھو ته وفاقي حڪومت پاران بند ڪمري ۾ ٿيندڙ اپوزيشن جي ڪانفرنس کي روڪي ڪو اپوزيشن کي ناڪام نه ڪيو آھي پر حڪومت جي انھي حرڪت سان خود حڪومت ڏٺي پئي ٿئي، اپوزيشن جي ڪانفرنس ھئي ھوٽل ۾ نه حال ۾ نه ڪرسي تي نه پٽ تي ويھي به ٿي وئي پر حڪومت جي منھن ۾ ڇا رھيو، ھن جو چوڻ ھو ته مرتضيٰ جتوئي خانداني ماڻھو آھي پوري دنيا کيس سڃاڻي ٿي، اھڙي ماڻھو تي اوھان ٻڪري يا موٽرسائيڪل چوري جو ڪيس داخل ٿيندو ته ان جو مرتضيٰ جتوئي جي شخصيت تي ڪو فرق نه پوندو پر ابتو حڪومت دنيا اڳيان وائکي پئي ٿئي ته ھي حڪمران ڪيترا گھٽيا آھن حڪمرانن کي سياسي انتقام ۾ ايڏو انڌو نه ٿيڻ گھرجي جو واپسي جو رستو به نه بچي ان موقعي تي ايس ٽي پي جا مرڪزي اڳواڻ حيدر شاھاڻي ، ڄام شوڪت ابڙو، محمد علي ابڙو، ڊاڪٽر احمد نوناري، عبدالفتاح ڳاھوٽي،عبدالحڪيم نوحپوٽو، موسيٰ لڙڪو ۽ اڳواڻ ساڻس گڏ ھئا.