ٽنڊو الهيار(رپورٽر) ٽنڊي الهيار ۾ سنڌوءَ مان 6 تڪراري ڪئنال منصوبي خلاف ايس يو پي،جسقم،جي يو آئي، جماعت اسلامي، پي ٽي آئي سميت شهرين ۽ آبادگارن طرفان ٽنڊي الهيار جي مشائخ هوٿي کان ميڊيا سينٽر ميرآباد تائين 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري ميڊيا سينٽر اڳيان احتجاج رڪارڊ ڪرايو انهي موقعي تي اڳواڻن ،اسماعيل عمراڻي،محمد صلاح درس،مولانا عمرفارق مري،ابرار جوکيو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌوء درياھ 6 ڪروڙ سنڌين جي ملڪيت آھي ۽ اقتدار ۾ ويٺل ۽ ڪئنالز جي حمايت ڪندڙ پارٽين جي اڳواڻن کي پنهنجي مرضي بدران سنڌ واسين جي مرضي جا فيصلا ڪرڻ گهرجن ۽ سنڌ هميشه اقتداري پارٽين جي ناانصافين خلاف آواز اٿاريندي پئي اچي ۽ سنڌين کان پنهنجا وسيلا کسيا پيا وڃن ۽ هاڻ پاڻي به کسي کين موت طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ سنڌ جو شعور جاڳي چڪو آھي ۽ ڪنهن صورت ۾ به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو ۽ اسان پنهنجا حق غضب ٿيڻ نه ڏينداسين، اقتدار ۾ ويٺل حڪومت 6 ڪروڙ سنڌين جي جذباتن کي ڇيڙي ڇڏيو آهي سنڌو درياھ پاڻي نه پر 7 هزار سال جي تهذيب ۽ ثقافت به آھي تنهنڪري وفاقي حڪومت ۽ سندن حامي پيپلزپارٽي کي سياست ڪرڻ بدران ڪئنال منصوبي تان هٿ کڻڻ گهرجي ۽ فوري سنڌ دشمن منصوبا بند ڪيا وڃن.