قمبر (رپورٽر) قمبر جي ڀٽو چوڪ تي مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ پي ٽي آءِ طرفان جلسو ڪوٺايو ويو، جنهن کي  جي ڊي اي ايم پي اي لاڙڪاڻو معظم علي عباسي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 15 سال کان پ پ جي حڪومت آهي پر اڄ به سنڌ جو عوام مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي،هن چيو ته قمبر جي به حالت رحم جوڳي آهي، اڄ کان 20 سال اڳ قمبر جي حالت بهتر هئي، هتان جا رهواسي تعليم، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت سمورين بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن. هن چيو ته هاڻي نوجوانن ۾ شعور آيو آهي ووٽ ذريعي انهن کي ٻڌائي ڇڏيو ته هاڻي توهان جون ڪوڙيون چالون نه هلنديون. هن وڌيڪ چيو ته حڪمران سرڪاري مشينري استعمال ڪندي مخالف اميدوارن تي پريشر وجهي رهيا آهن.  جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ آهي، آبادگار ساريالي فصل جا ٻج به پوکي نه سگهيا آهن جڏهن ته وفاق ۾ شهباز شريف سان زرداري گڏ ويٺل آهي پاڻي جي ڳالهه ئي نه پيا ڪن، هن چيو ته حڪمرانن پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ھٿرادو واڌ ڪري 2 مهينن ۾ مهانگائي جو طوفان آندو آهي. هن چيو ته عوام جي طاقت سان حڪمرانن کي تاريخي شڪست ڏينداسين ان موقعي تي سردار ظفر حسين سانگي، ڊاڪٽر صفدر عباسي، همايون مغيري، محمد علي هڪڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.