اسلام آباد/ لاهور(بيورو رپورٽ+ م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ساڍن ٽن سالن ۾ اڌ پاور به ملي وڃي ها ته شير شاهه سوري سان مقابلو ڪري وٺون ها.لاهور ۾ عمران خان سينيئر صحافين سان ملاقات ڪئي ۽ ڳالهه ٻول دوران چيو ته جڏهن چئلنج ختم ٿيندو آهي ته اوهان جي زندگي ختم ٿي ويندي آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن قانون جي حڪمراني هوندي آهي ته معاشرو خوشحال ٿيندو آهي، مونکي ساڍن ٽن سالن دوران اڌ پاور به ملي وڃي ها ته شير شاهه سوري سان مقابلو ڪري وٺان ها، ذميواري منهنجي هئي پر حڪمراني ڪنهن ٻئي جي هئي.هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڪڏهن هيڏانهن وڃي ٿو ڪڏهن هوڏانهن، کيس ائين ڀڄائڻ سان ڇا ملندو؟ مارچ انڪري ڪري رهيو آهيان جو انهن ماڻهن کي سيڪيورٽي ٿريٽ سمجهان ٿو، مون فيصلو ڪيو آهي ته جن جا اثاثا ٻاهرين ملڪ آهن انهن منجهان ڪنهن کي به عهدو ناهي ڏيڻو. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته اسان اربين رُپين جا ٽئڪس ڊفالٽر پڪڙيندا هئاسين، خبر پوندي هئي اهي ڪنهن ٻئي هنڌ هليا ويا ۽ حڪم ڪو ٻيو مليو،  حڪمرانن کي اين آر او ملڻ شروع ٿي ويو آهي، ڪرپشن جا سمورا ڪيس ختم ٿي ويا، آئون مارچ لاءِ اِن ڪري نڪري رهيو آهيان جو کين سيڪيورٽي ٿريٽ سمجهان ٿو، عدالت ۾ پيشي وقت صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته  صدر عارف علوي جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، ايجنسيز جو اهو ڪم ناهي ته فون ٽيپ ۽ رليز ڪري، سندن ڪم تحفظ ڪرڻ آهي. سڄي دنيا ۾ وزيراعظمن جي نگراني ٿيندي آهي پر ڪابه ٽارگيٽيڊ رڪارڊنگ ناهي ٿيندي. جيستائين طاقتور کي قانون جي گرفت ۾ نه آندو ويندو تيستائين انصاف نه ٿيندو. هن چيو ته  صدر عارف علوي جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، صحافي سوال ڪيو ته توهان جي ضمانت منظور نه ٿئي ته پوءِ ڇا ڪندئو، عمران خان جواب ڏنو ته جيل ويندس، تياري ڪري ڇڏي آهي، صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته ڇا اڳ وزيراعظم هجڻ باوجود اوهان کي خبر هئي ته فون ٽيپ ٿيندا آهن؟ جنهن تي عمران خان جواب ڏنو ته سرويلنٽس ته هوندي آهي، اهو نيشنل سيڪيورٽي جو اشو آهي، هن چيو ته انصار عباسي 3 مهينا اڳ چئي ڇڏيو هو ته منهنجي ۽ اعظم خان جي آڊيو موجود آهي. ايجنسين جو ڪم وزيراعظم جي حفاظت هوندو آهي. عدالتي ڪمري ۾ غير رسمي ڳالهين دوران صحافي طرفان سوال ڪيو ته اوهان کي آڊيو رڪارڊ ٿيڻ تي اعتراض آهي يا رليز تي؟ جنهن تي عمران خان جواب ڏنو ته صحافي سوال ڪيو ته سوات ۾ صورتحال خراب آهي، وڏو وزير به صوبي ۾ نه پيو وڃي، جنهن تي عمران خان چيو ته اهو وفاق جو معاملو آهي. سوات ۾ حالتون ڳڻتي جوڳيون آهن. خيبرپختونخواهه حڪومت ڪيتري وقت کان وفاق کي ٻڌائي رهي هئي. هوڏانهن صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته اوهان کي لڳي ٿو ته حڪومت اوهان کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي جنهن تي عمران خان چيو ته ٿي سگهي ٿو.صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته(ن) ليگ چئي رهي آهي ته اوهان کي ڀڄائي ڀڄائي مارينداسين؟ ان جي جواب ۾ عمران خان چيو ته منهنجو اسٽيمنا شريفن کان وڌيڪ آهي. پرڏيهي فنڊنگ بابت سوال جو جواب ڏيندي عمران خان چيو ته صرف هڪ سياسي پارٽي جي ليگل فنڊنگ آهي ۽ اها آهي تحريڪ انصاف، ٻين سياسي پارٽين جي فنڊنگ ٻه نمبر آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ٻين سياسي پارٽين جي فنڊنگ سامهون ناهي آڻي رهيو. هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته سڀني جي فنڊرينگ جو ڪيس گڏ ٻڌو وڃي. چيف اليڪشن ڪمشنر هنن جي گهر جو ۽ تڪراري ماڻهو آهي. جيڪڏهن اليڪشن ڪمشنر ٻين سياسي پارٽين جي فنڊنگ سامهون کڻي اچي ته خبر پئجي ويندي ته ڪنهن جي فنڊنگ ليگل آهي. صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته طاقتور ماڻهو ڪير آهن.؟ جنهن تي عمران خان چيو ته اهي ئي اين آر او وارا، اوهان اعتزاز احسن جو بيان ڏسي وٺو. هوڏانهن اسلام آباد ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته  اسان جي حڪومت ۾ برصغير ۾ سڀ کان پاڪستان ۾ تيل سستو هو، سوال ڪيان ٿو ته ڪنهن اسان جي حڪومت خلاف سازش ڪئي، اها سازش ڇو ڪئي وئي، ان جو مقصد ڇا هو؟ پرڏيهي سازش ڪرڻ وارا ته چاهين ٿا ته هتي اهڙو پتلو حڪمران هجي جنهن کي جيڪو ڪجهه چيو وڃي اهو ڪري ڇڏي، اگر منهنجا به ملڪ کان ٻاهر پيسا هجن ها ته ابسوليوٽلي ناٽ نه چئي سگهان ها، شهباز شريف ۽ ان جي پٽ کي گرفتار ٿيڻو هو، نيب قانون ۾ ترميم ڪري هي 200 ڪيس ختم ڪرائي چڪا آهن، هنن جا 11 سئو ارب رپين جي ڪرپشن جا ڪيس معاف ٿيندا، هنن کي اين آر او ملندو، ناانصافي خلاف عوام کي احتجاج جو سڏ ڏيندس، عوام تيار رهي.