ٺٽو (رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير، سينيٽر سسئي پليجو چيو آهي ته سنڌ جو پاڻي ڪيس چٽو ۽ صاف آھي، اسان جي پاڻي بابت ۽ سنڌو درياءَ تي ڪئنال مخالف جدوجھد ڪامياب ٿيڻ تائين جاري رھندي، سنڌ جو ماڻھو ڪمشور کان ڪيٽي بندر تائين سراپا احتجاج آھي، حڪمرانن کي سنڌ دشمن فيصلا واپس وٺڻا پوندا، ٺٽي ۾ پاڻي ماهر انجنئير اوڀايو خان خشڪ جي عيادت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو سڄي سنڌ ۾ متحرڪ ۽ عوام دوست پاڻي ماھرن کي قدر جي نگاھ سان ڏسن ٿا ۽ کين جس ڏيندي انھن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظھار ڪن ٿا هن چيو ته انجنيئر اوڀايو خشڪ مسلسل قلم ذريعي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ، 91ع معاھدي تي ارسا ۽ وفاق جو عمل نه ڪرڻ، گريٽر ٿل ڪئنال، چولستان ڪئنال سميت ٻين ڪئنالن جي ڪري سنڌ ۾ وڌيڪ امڪاني آبپاشي، زرعي ۽ معاشي تباھڪارين تي لکندي ، ماڻھن کي آگاھي ڏيندو اچي ۽ خاص طور تي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي انتھائي گھٽ اچڻ سبب ٺٽو، سجاول، بدين سميت لاڙ ۽ سامونڊي علائقن ۾ ٿيندڙ انساني المين بابت پنھنجي قلم وسيلي عوام ۾ معلومات ۽ لاڳاپيل اٿارٽيز سامھون به زميني حقيقتون رکي سوال اٿاريا آھن، ان موقعي تي پاڻي ماھر انجنئير اوڀايو خان خشڪ سينيٽر سسئي پليجو کي سندس انگريزي، اردو ۽ سنڌي ۾ لکيل ڪتاب تحفي طور ڏنا

 

ا، جڏهن ته  ان موقعي تي ناليوارو محقق ۽ اديب ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، ڊاڪٽر يعقوب خشڪ، فاروق پليجو ۽ ٻيا موجود هئا .