سنڌ، جيڪا هميشه امن، ۽ رواداري جي علامت رهي آهي، هاڻي امن واري ڌرتيءَ جي سڃاڻپ ان کان موڪلائي وئي آهي. روز بروز وڌندڙ اغوا، ڌاڙا، قتل ۽ دهشتگردي جا واقعن ماڻهن کان ذهني سڪون کسي ورتو آهي. خيرپور سينٽرل جيل تي تازو ٿيل حملي ۾ هڪ قيدي جي موت ۽ ڪيترن جي زخمي ٿيڻ واري خبر نه رڳو انسانيت کي ڪنبائي ڇڏيو آهي، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي به سواليه نشان ڇڏيا آهن. سوال اهو آهي ته حڪومتي سطح تي اهڙي نااهلي ۽ بيحسي ڇو آهي؟ سنڌ ۾ امن جي صورتحال بنهه ابتر آهي. لاڙڪاڻي، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، شڪارپور جهڙن شهرن ۾ ڌاڙيلن جي حڪمراني لڳي ٿي. بخشاپور ۾ تازو ٿيل ڦرلٽ، جنهن ۾ ماڻهن کان قيمتي سامان ۽ موٽرسائيڪلون زبردستي کسيون ويون، اها واقعي هڪ انتهائي شرمناڪ صورتحال آهي. ماڻهن جو اغوا ٿيڻ، ۽ پوءِ سندن وارثن کان ڳري رقم جي گهر، ڄڻ ته ڪا عام ڳالهه ٿي وئي آهي. ان دوران پوليس يا ته بي خبر رهي ٿي يا خاموش تماشائي. ڪجهه واقعن ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته، پوليس پاڻ به ڌاڙيلن سان ڳٺ جوڙ ۾ آهي. هي صورتحال رڳو عوام لاءِ نه رڳو پريشانيءَ جي، پر انتظاميا لاءِ به شرم جوڳي آهي. سوال اهو آهي ته آخر حڪومت ڇو بي وس آهي؟ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا امن امان جي ذميواري پوري ڇو ڪونه ٿا ڪن؟
تاريخ ۾ امن ۽ آشتيءَ، سانت ۽ سڪون واري ساڻيهه جي سڃاڻپ رکندڙ سنڌ هن وقت ‘بدامنيءَ جي ڀونءِ’ بڻيل آهي. سنڌ جو ڪَچو ڌاڙيلن جي ٿم ۽ ٿاڪ بڻيل آهي، جتي انهن وٽ نه رڳو مغوي پر رياستي قانون به يرغمال بڻيل آهي. سنڌ ۾ هن وقت به تمام گهڻا ماڻهو ڌاڙيلن وٽ قيد آهن ۽ روز روز اغوا جي نئين وارداتن ذريعي انهن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. اهي اتريان ضلعا ڄڻ ته ڌاڙيلن کي مقاطعي تي ڏنل هجن! اتي نه رياستي قانون ٿو هلي. اتي ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ ڀوتار اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن، پوليس جو ڪردار اتي رڳو ڪمداريءَ وارو بيهي ٿو. پوليس عملدار، ضلعن جي ايس ايس پي کان ايس ايڇ او تائين سڀ انهن ئي ڀوتارن جا مقرر ڪرايل هوندا آهن. اهي ڪيئن ڀوتارن ۾ هٿ وجهندا؟ جيئن ته پوليس عملدارن جون مقرريون سردارن ۽ ڀوتارن جي مرضيءَ موجب ٿين ٿيون ۽ پوليس رڳو انهن جو دٻدٻو، رعب ۽ تاب، شان ۽ شوڪت ۽ پروٽوڪول ۾ مصروف هوندي آهي. ڏوهه انهن ڀوتارن جي معيشت بڻيل آهن، جيڪي ڀوتار سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن. لڳي ايئن ٿو ته حڪومت اهي ضلعا ڄڻ ته ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ ڀوتارن کي مقاطعي تي ڏيئي ڇڏيا آهن، جتي اهي اڇي ڪاري جا مالڪ آهن، ڌاڙيلن جي مٿي تي به انهن جي مهر جو هٿ آهي. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته جيستائين قطع نظر انهن جي سياسي وابستگي جي، انهن ڀوتارن ۾ هٿ نٿو وڌو وڃي، تيستائين ڏوهن ۾ گهٽتائي ممڪن نه آهي.
اسان اڳ به اهو چوندا رهيا آهيون ته، امن قائم ڪرڻ لاءِ رڳو تقريرن يا اعلانن سان ڪم نه هلندو. سنڌ ۾ امن لاءِ حڪمت عملي، ايماندارانه عمل، ۽ بهتريءَ لاءِ نيڪ نيتي ضروري آهي. سڀ کان اول ته پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سڌاري لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. پوليس کي سياسي اثر کان آزاد ڪري ان کي جديد تربيت، وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ گهرجي. ان سان گڏوگڏ، ڌاڙيلن خلاف بي رحم آپريشن ڪيو وڃي، ۽ انهن کي پناهه ڏيندڙ ماڻهن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، چاھي اُهي سياسي ماڻهو هجن يا بااثر جاگيردار. حڪومت کي گهرجي ته عوام جي تحفظ کي ترجيح ڏيندي، قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائي. جيڪڏهن سنڌ ۾ امن قائم نه ٿيو ته بي امني، غربت، ۽ بيروزگاري وڌندي رهندي، جيڪا اڳ ئي حد کان وڌي چڪي آهي. هاڻي سنڌ جي ماڻهن جو صبر ۽ سهپ ختم ٿي چڪي آهي. انتظاميا سنڌ جي ماڻهن جي سهپ ۽ صبر کي آزمائڻ جي ڪوشش نه ڪري.