ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھه چيو آهي ته ڪامريڊ غلام رسول سھتو چوندو ھو ته اسانجا ڪيترائي سچا قومپرست ڪارڪن اجاين تضادن جي ور چڙھي ويا، اھي سائين جي ايم سيد خلاف به استعمال ٿيا، ڪامريڊ آخري وقت تائين سياست ڪئي پر سندس ڪيترا ساٿي سياست ڇڏي ويا، سنڌ ۾ پاڻي مسئلي تي گذريل 9 مھينن کان ھلان پيو، جدوجهد ۾ طاقتن، مصلحتن ۽ مفاھمتن جا انڪاري گھرجن، جيڪي پنهنجي ذاتي زندگي ۾ بي لوث خوددار ٿي بيھن، آئين جي آرٽيڪل 155 ٽو موجب سي سي آءَ کي ڪئنال مامرو ارسا يا پلاننگ ڪميشن کي موڪلڻ بجاءِ پاڻ حل ڪرڻو هو، سي سي آءِ کان مامرو حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ صدر ڪاميٽي ٺاھيندو پر ھر ھتي جيڪا پاڻمرادو ڪاميٽي ٺھي آھي، اھا ته سي سي آءِ کان به وڌيڪ طاقتور ھوندي، اسان جا ڪجهه دوست جدوجهد ۾ نقص ڪڍندا ٿا وتن، ڪنهن کي نقطا چيني ۽ بغض ڪڍڻ جو ڪھڙو حق آھي؟ سڀني کي پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ گهرجي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪامريڊ غلام رسول سھتو جي پنجين ورسي واري تقريب کي خطاب ڪندي ھن چيو ته حڪمرانن سنڌ جو پاڻي، سامونڊي پٽي، زمينون ڏئي ڇڏيون، جنرل مشرف گريٽر ٿل ڪئنال جو فيز ون ٺاھي نه سگھيو، پر پ پ سرڪار 2008.10ع دوران اهو تڪراري ڪئنال ٺاھيو،چولستان رڳو ڪئنال ناھي. انھي مان4 شاخون نڪرنديون ، سنڌ جي 70-80 لک ايڪڙ زمين جو پاڻي چولستان ڪئنال ۾ وڃي ها، هن چيو ته سڀ ادارا پنهنجن حدن ۾ رھن ، اسين آئين جي بنيادي ڍانچي تي کوڙ اختلاف رکڻ باوجود چاھيون ٿا ته انھي تي عمل ٿئي، هن چيو ته سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ خان غفار خان جي ليول جا ھن وقت ليڊر ناھن پر انھن جي ڇٽيل ٻج ڪري سنڌ پنهنجي جدوجهد ڪئي آھي، جيڪا ڪامياب ٿيندي، سنڌ ھاري ڪاميٽي جي جي اڳواڻ ثمر حيدر جتوئي چيو ته ڪامريڊ غلام رسول سھتو سچو ۽ کرو آدرشي انسان ھو، قانوندان امان الله شيخ چيو ته ٻٻرلوءِ واري ڌرڻي سياسي پارٽين کي ڌوئي ڇڏيو آھي۔ هن وقت اهيسياسي پارٽيون سڪرات ۾ آھن، هتي سياسي پارٽين جو احتساب ٿين گھرجي، تقريب کي يونس مھر، خالق جوڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪيو.