باڊهه(ن پ ا) حڪمرانن جي نه کي نو ڪوٽ واري چوڻي جي مصداق حڪمرانن جي ضد ۽ انا سبب لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻئين نمبر وڏي شهر باڊهه کي تعلقي جو درجو نه ملي سگهيو آهي. شهري ڇهن سالن کان سراپا احتجاج بڻيل آهن. ان ڏس ۾ باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ باڊهه تعلقه موومينٽ پاران 306هين هفتي به باڊهه ٽائون هال آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. باڊهه تعلقه موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينر زيب علي ساريو جي اڳواڻي ۾ ٿيل احتجاج ۾ باڊهه شهر جي مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل شخصيتن علي انور عسڪري، ڪامريڊ عزيز بروهي، اصغر نوناري، محمد علي خشڪ، شمس الدين پنهور، مولا بخش ڦلپوٽو، عالم بروهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي هنن چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه ڏيکاري رهي آهي جنهنڪري باڊهه شهر جا غيور شهري گذريل ڇهن سالن کان سراپا احتجاج بڻيل آهن. هنن چيو ته باڊهه تعلقه موومينٽ جي پليٽ فارم تان باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ گرمين سردين، عيدن عاشورن ۾ به اسين روڊن تي بيهي احتجاج ڪندا آيا آهيون ۽ ان تسلسل کي برقرار رکندي اڄ عيدالاضحيٰ جي ڏهاڙن ۾ به جتي سڄي ملڪ ۾ عيد جون خوشيون ملهايون پيون وڃن پر اسين باڊهه واسي اڄ به روڊن تي بيهي حڪمرانن کي سندن ڪيل واعدا ياد ڏياري باڊهه شهر کي تعلقي جو بنيادي حق وٺي ڏيڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته باڊهه شهر جي ترقي ۽ خوشحالي فقط باڊهه تعلقي سان مشروط آهي ۽ باڊهه واسي اهو چڱي ريت ڄاڻين ٿا انڪري بنادير باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، هنن پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، پ پ ايم اين اي نظير احمد ٻگهيو ۽ ايم پي اي عادل الطاف انڙ کان مطالبو ڪندي چيو ته باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏئي شهرين ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ هي احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي.