حڪومت آءِ ايم ايف جي مطالبي تي عمل ڪندي گئس جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪاميٽي سڀني واهپيدارن لاءِ پهرين جولاءِ کان گئس جي مقرر ٿيل چارجز ۾ واڌ جي منظوري ڏني آهي. غير گهريلو صارفين لاءِ گئس جي قيمت ۾ 29 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد 72 ارب رپيا اضافي طور گڏ ڪرڻ آهي. مالي سال 26-2025ع لاءِ گئس جي نئين قيمتن جي مقرريءَ بابت سمري پيٽروليم ڊويزن پيش ڪئي هئي. وزارت محفوظ گهريلو صارفين لاءِ 56 سيڪڙو ۽ مقرر ٿيل چارجز ۾ 37 سيڪڙو واڌ جي منظوري گهري هئي. اي سي سي محفوظ گهريلو صارفين لاءِ مقرر ٿيل چارجز ۾ 50 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني ۽ ڪجهه بار وڏن صارفين، بجلي شعبي ۽ صنعتن تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بجلي شعبي لاءِ گئس جي قيمت ۾ واڌ سبب بجلي جي سراسري اگهه تي في يونٽ 0.12 رپيا اثر پوندو. محفوظ واهپيدارن لاءِ مقرر ٿيل چارجز 50 سيڪڙو واڌ بعد 400 رپين کان وڌائي 600 رپيا ڪيا ويا آهن. اهڙيءَ ريت، غير محفوظ گهريلو واهپيدارن لاءِ مقرر ٿيل چارجز به 50 سيڪڙو واڌ بعد هڪ هزار روپين مان وڌائي 1500 روپيا ڪيا ويا آهن.
اسان جو الميو اهو آهي، جو اسان اهڙن حڪمرانن جي رحم ڪرم تي آهيون، جن وٽ عوام جي اهنجن جو ڪو به علاج ڪونهي. جن جي لاءِ اهوئي چئي سگهجي ٿو ته، “ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو”. ملڪ هلائڻ لاءِ جنهن انتظامي تدبر جي ضرورت آهي، اهو اسان جي حڪمرانن وٽ نظر نٿو اچي. دنيا جي هر ملڪ ۾ اقتداري سياست ڪندڙ هر سياسي جماعت وٽ پنهنجي معاشي ماهرن جي ٽيم هوندي آهي پر اسان جو اڀاڳ اهو آهي ته هتي ڪو سٺي ساک وارو معاشي ماهر نه آهي. جيڪي “مارڪيٽ” ۾ موجود آهن، تن مان اڪثريت انهن جي آهي، جيڪي عالمي مالياتي ادارن جي مفادن لاءِ ڪم ڪن ٿا. هن ملڪ جا معاشي مينيجر آءِ ايم ايف جي چوڻ تي هر کوٽ ۽ خسارو عوام مان پورو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته بهتر معاشي پاليسيون جوڙي ملڪي معيشت کي سنئين دڳ لائڻ جي ڪابه ضرورت محسوس نٿي ڪئي وڃي. آءِ ايم ايف سان قرض واري معاهدي کانپوءِ ته اها ستم جي ڪهڙي مشق آهي، جيڪا عوام تي آزمائي ناهي وئي! ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ جي نالي ۾ عوام سان جيڪا تاريخي جُٺ ڪئي وئي آهي، هن ملڪ جي تاريخ ۾ ان جو مثال شايد ئي ڪو ملي. جهڙي نموني وقت به وقت تيل، گئس ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، ان سان عوام جو جيئڻ ئي جنجال ٿي ويو آهي. هن ڀيري ته هيڪاندي ڪسر ڪڍندي گيس جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. ان سان گهڻ طرفن هاڃيڪار اثرن جو طوفان آڻيندو. هونئن به جڏهن گئس (تيل ۽ بجلي به) جي قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو ته هر شئي جي قيمت وڌي ٿي، جو هر پراڊڪٽ جي قيمت ۾ ٻارڻ جي قيمت به شامل هوندي آهي.
اسان جي حڪمرانن جي نااهلي اها آهي جو اهي ان سڄي عرصي ۾ ملڪ لاءِ بهتر معاشي پاليسيون جوڙڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. ٻن ويلن لاءِ پريشان عوام تي لڳاتار مالي بار منتقل ڪيو پيو وڃي، ملڪ قرض جي معيشت تي هلايو پيو وڃي. حڪمران چون ٿا ته اهي ڏکيا فيصلا ملڪ کي ڊفالٽ کان بچائڻ لاءِ ڪيا ويا آهن پر عوام سوچي ٿو ته ڊفالٽ ۾ به ايتري ته خواري نه ٿئي ها، جو هڪ ائٽمي طاقت ملڪ کي عالمي استحصالي ادارا سندن مرضيءَ سان هلائي رهيا آهن. حڪمرانن کي آخر اها ڳالهه ڇو نٿي سمجهه ۾ اچي ته ملڪ تڏهن ئي خوشحال سمجهيو ويندو آهي، جڏهن عوام خوشحال هوندو آهي. عوام جو رت ست نپوڙڻ سان ملڪ خوشحال ناهن ٿيندا. اسان گيس جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙي جي ظالماڻي واڌ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي اها گهر ٿا ڪريون ته گيس جي قيمتن ۾ اهو اضافو واپس ورتو وڃي. کوٽ ۽ خسارو گهٽائڻو آهي ته هن ملڪ جي اشرافيه کي ملندڙ مراعات واپس ورتيون وڃن.