راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته حڪمرانن جا آخري ڏينهن اچي ويا آهن، ايترو ظلم نه ڪريو جو قوم بغاوت تي لهي اچي. دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ 9 مئي بابت ڪيسز ۾ پيشي جي  موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته حڪمرانن جا آخري ڏينهن اچي ويا آهن، هاڻ ڪنهن کي فريڪچر ٿو ٿي وڃي ته ڪنهن کي ڪجهه ٻيو، سڀ ڀڄي رهيا آهن. هن چيو ته 14-14 ڪيسز داخل ڪيا ويا آهن، تمام گهڻا ڪيسز داخل ڪيا ويا آهن. تمام وڏا ظلم ڪيا پيا وڃن. شيخ رشيد چيو ته قوم تي ايترو ظلم نه ڪريو جو بغاوت تي لهي اچي، قوم مان خوف ختم ٿي چڪو آهي، اسان 40 ڏينهن جو چلو ڪاٽيو، صحت ۾ اڃان تائين بهتري نه اچي سگهي آهي، شڪر آهي ته انتظار پنجوتها واپس اچي ويو، هن اها ڪهڙي اسٽوري ٺاهي، ڊڄڻو ماڻهو 100 ڀيرا مرندو آهي ۽ مضبوط ماڻهو هڪ ڀيرو مرندو آهي. هوڏانهن شيخ رشيد، اڳوڻو پارلياماني سيڪريٽري راشد شفيق، راجا بشارت ۽ راشد حفيظ عدالت ۾ پهتا. انهي موقعي تي سمورن 13 ٿاڻن جي پوليس جاچ آفيسر به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج امجد علي شاهه جي آڏو 9 مئي سانحي جي 13 ڪيسز جي ٻڌڻي ٿي، جنهن  ۾ جوابدارن جي حاضري لڳائي وئي، جنهن کان پوءِ عدالت 18 نومبر تائين مڪمل چالان طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.