حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ”حُسَن جو مُعجزو اھو ڏِٺمَ مُحسِن، پَنھنجي دل ۾ خدا ڏِٺم  پل ۾“ جهڙين سٽن جي خالق نامياري شاعر محسن ڪڪڙائي جي ورسي سڀاڻي 2 اپريل تي ملهائي ويندي. ورسي جي اها تقريب سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪڪڙ طرفان رٿي وئي آهي جنهن جي صدارت ناميارو اديب تاج جويو ڪندو. سنڌ جي تاريخي شھر ڪڪڙ جو رھواسي ۽ سنڌي ٻولي جي غزل جو ناميارو شاعر، اديب ۽ استاد سيد نياز علي شاھ عرف محسن ڪڪڙائي 2 اپريل 2005ع تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. سندس وڇوڙي کي 17 سال گذري ويا آهن. ورسي جي تقريب ۾ مارو جمالي، ڊاڪٽر عبدالرحيم، نثار شاھ، آزاد انور ڪانڌڙو، ذوالفقار گاڏھي، معشوق ڌاريجو ۽ ٻيا محسن ڪڪڙائي جي زندگي ۽ شاعري جي فن بابت ويچار ونڊيندا.