حَمامَ ۾سڀ بي لباس …..!

0
20
حَمامَ ۾سڀ بي لباس .....!

 ڪجهه شيون ظاهر ۾ ڀلي نظر نه اچن، پر انهن جي هجڻ جو احساس يا حقيقت دانهون ڪوڪون ڪري پنهنجي هجڻ جو يقين ڏياريندا آهن. جهڙي ريت سماج جي رڳن ۾ رت سان گڏ ڊوڙون پائيندڙ بدعنواني …. معاشري جي ان ناسور بابت منهنجو هڪ دوست چوندو آهي ته: “اسان وٽ ڦهليل وڏي پئماني جي حرامپائيءَ جو سبب اهو حرام جو گرهه پڻ آهي، جيڪو ٻين جي کيسن ۽ وات مان ڦريندڙ پنهنجي ٻارن کي کارائي ٿو ….. ۽ پوءِ اهي اثرَ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين ورثي جي صورت ۾ منتقل ٿيندا، رت ۾ شامل ٿيو وڃن!” هن سماج ۾ بدتريءَ جي حالت هن نهج تي پهتل آهي ته روڊ تي بيٺل پوليس وارو، عام ماڻهوءَ جي تحفظ لاءِ نه پر حرام ڪمائڻ لاءِ بيٺل ملندو. ڪلارڪ کان تپيدار ۽ ماستر کان پٽيوالي جي حالت ٿوري فرق سان ساڳي ملندي. بس ايماندار اهو آهي، جنهن کي موقعو نه ٿو ملي! هر ٻيون ٽيون ماڻهو ڳِجهه جيان ٻئي جي مرڻ ۽ پوءِ ماس پٽڻ جي انتظار م ويٺل ملي ٿو.

                 ان انتظار جي حوالي سان جتي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون جڙن ٿيون، اهي به پنهنجي رنگ ڍنگ ۾ نراليون آهن. جيئن منهنجي دوستَ احمد عليءَ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ڳالهه ٻڌائي: “مان جڏهن ضلعي اڪائونٽس آفيس ۾ پگهار لاءِ پرسنل نمبر حاصل ڪرڻ ويس ته لاڳاپيل ڪلارڪ صاحب، جيڪو شڪل صورت ۾ باريش ۽ پرهيزگار لڳو، مان سلام ڪري هن سان گڏ ويهي رهيس. اسان پاڻ ۾ ڪيتري وقت تائين مذهبي ڪچهري ڪئي. نماز جو وقت ٿيو ته گڏ نماز پڙهڻ به روانا ٿياسين، واٽ تي اهو ڪلارڪ همراهه مونکي درود شريف جي ورد لاءِ چوندو رهيو. نماز پوري ٿي. واپسيءَ به درود سلام سان ٿي. ٽيبل تي پهچڻ کانپوءِ هن چيو ته، “توهان جو ڪم ٿي ويندو، پر منهنجي خرچي!؟” ڪلارڪ صاحب جي ان نئين انداز تي حيران ٿي ويس. پريشان ۽ ڏڪندڙ لهجي ۾ سوال ڪيم، ڪجهه پڇڻ چاهيم ته جواب آيو: “بابا! خرچي الڳ معاملو آهي، عبادت الڳ معاملو …. سو ان کي پاڻ ۾ مڪس نه ڪريو!”

اهي حالتون توهان کي تقريبن هر آفيس ۾ نظر اينديون. يونين ڪائونسل ۾ ٺهيل تپيدار جي خانگي آفيس کان مادر علمين جي ايڊمن آفيسن تائين، جتي توهان کي بظاهر عبادت گذار، پرهيزگار، نج مذهبي ماڻهو ملندا، پر ڪم جي معاملي ۾ هو ايترا ته ڪميڻا هوندا، جنهن تي لعنت به لعنت ڪرڻ کان گھٻرائيندي آهي. اهو معاملو صرف مذهبي ماڻهن لاءِ نه ٿو چئي سگهجي پر هن حمام ۾ سڀ جو سڀ بي لباس آهن. بنا ڪنهن مذهب، رنگ، نسل، ذات پات جي فرق ڪرڻ کانسواءِ اهي ماڻهو ٻئي جي ابتي کَل لاهڻ ۾ مزو ماڻين ٿا. جنهن کي ‘ٻاهرين ڪمائي’ جي نالي سان حقي واجبي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. … ۽ اهو معاملو صرف سرڪاري هرڪارن تائين محدود ناهي، پر سماج ۾ گهڻائي انهن ماڻهن جي آهي، جيڪي بظاهر مسڪين، غريب ۽ نادار جي روپ ۾ جيئن پيا پر هو به پنهنجي ذات ۾ هامان ۽ نمرود کان گهٽ نه آهن!

ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن گوشت وٺڻ لاءِ مارڪيٽ وڃڻ ٿيو ۽ ڪلو گوشت وٺي شڪ جي بنياد تي ڀاڄيءَ واري کان تورايم ته ٽي پاءَ نڪتو. واپس ڪاسائي وٽ ويس ته چوڻ لڳو: “گوشت تورڻ بعد صفائي ڪرڻ کانپوءِ اهو ئي وزن بيهندو آهي، ڀلي توهان ڪنهن کان به معلوم ڪريو….!” ڪنهن کان ڇا  معلوم ڪجي، وزن جي معاملي ۾ جنهن ڀاڄيءَ واري، ڪاسائي کي گهٽ وڌ پئي ڳالهايو، ان جي اصليت جي خبر به ان وقت پئي، جڏهن گهر پهتس ته ڪافي پٽاٽا، بصر ۽ ٽماٽا خراب هئا، جيڪي هن منهنجي اکين ۾ ڌوڙ وجهي سٺي ڀاڄيءَ سان ملائي ڏنا. اهڙي ساڳي حالت پئٽرول پمپ وڃڻ تي ٿئي ٿي. ممڪن ئي ناهي ته پورا پئسا ڀرڻ جي باوجود پوري مقدار ۾ تيل ملي. ان جي معيار جي ڳالهه هڪ پاسي رکجي ٿي….!

گاڏين جي ٽائرن کي پنڪچر هڻڻ وارن جي فرضن ۾ شامل آهي ته ڪوڪا وٺي روڊن تي اڇلائين. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن بائيڪ جو پنڪچر ٿيو ته حيرت ان وقت ٿي، جڏهن ٽائر جي چيڪنگ کانپوءِ اهو ڪوڪو نڪتو، جيڪو موچي جوتن جي مرمت ۾ استعمال ڪندا آهن. شهر کان بلڪل ٻاهر هي ڪوڪا ڪئين پهتا؟ ٿوري ويچار کانپوءِ معاملو سمجهه ۾ اچي ٿو! اها ته ٿي ٻاهرين ڪارروائي پر ٽيوب چيڪ ڪرڻ دؤران هڪ کان وڌيڪ پنڪچر ڪري ڇڏڻ…. ان احساس کانسواءِ ڪنهن مسڪين ماڻهوءَ جو نقصان پيو ٿئي، هن کي هاڻي نئون ٽيوب يا ٽائر خريد ڪرڻو پوندو!

شهر جي هر چؤنڪ چوراهي تي مصنوعي معذور بڻيل فقير، انهن جون حرفتون ۽ ٺڳيون… اهي ڪجهه اهڙا طويل سلسلا آهن، جن جي پڄاڻي خبر ناهي ڪڏهن ٿيندي؟ جي سوال تي مٿو چڪرائجي وڃي ٿو. تعليمي ادارا، پوءِ اهي سرڪاري هجن يا خانگي، انهن ۾ ڪهڙي قسم جي تعليم ڏني پئي وڃي؟ سرڪاري يا پرائيويٽ اسپتالن ۾ ڇا گذري پيو؟ هاڻي اهو سڀ ڪجهه ڳجهو ناهي رهيو. ان باوجود اسان ايترا مجبور ڇو آهيون؟ شايد ان ڪري جو پاڻ ان سڄي گند سان ڀريل نظام جا سڌي يا اڻ سڌي طورBeneficiary  (فائدو وٺڻ وارن مان) آهيون!

ساڳي حالت وائيٽ ڪالر جاب ڪندڙ سرڪاري ملازمن جي آهي. مقرر وقت کان دير سان پهچڻ، ان لاءِ ڪوڙا بهانا ٺاهڻ، ڪم ڪرڻ کان نابري واري ويهڻ. ڪو دوست ٻڌائي رهيو هو ته آفيسن ۾ هاڻي حالت هن ليول تائين پهچي وئي آهي ته آفيس جي ڀلي ساڳي ڪمري ۾ ٻه ملازم ويٺل هجن پر هڪ ڊيسڪ کان ٻي ڊيسڪ تائين فائيل رشوت کانسواءِ نه چرندو! اڪثر حالتن ۾ ته هاڻي سفارشون به ڪم نه ٿيون ڪن. هر ماڻهوءَ جو پنهنجو ريٽ مقرر ٿيل آهي. آفيس ۾ جيڪڏهن توهان جو ضروري ڪم آهي ۽ سامهون ويٺل بابو صاحب گهڻي آڏي پڇا ڪري ٿو ته هن کي ڪو قانون ۽ اصولن جي پاسداريءَ جو احساس ناهي، پر هو سامهون واري جي کيسي مان گهڻي کان گهڻا پئسا ڪڍڻ چاهي ٿو. اهو قصو ڪنهن هڪ فرد تائين محدود ناهي رهيو! ڪتابن ۾ پڙهندا آيو آهيون ته ‘حلال رزق عين عبادت آهي’. ان ڳالهه کي سامهون رکجي ته هن وقت تائين اسان پنهنجي عبادتن کي پنهنجي ڪوششن سان حرام ڪندا آيا آهيون. سچ ته بد عنواني يا ڪرپشن اسان جي اندر ايتري قدر گهڙي وئي آهي، جو ان کي برائي به نه ٿا سمجهون ۽ پوءِ اها ڳالهه چٽي طور ٻڌايل آهي ته جهڙي رعايا هوندي، ان تي حڪمران به اهڙا ئي مسلط ڪيا ويندا. ان سڄي منظر ۾ اسان اخلاقي طور جنهن ڏيوالي جو شڪار آهيون، ماضي قريب يا بعيد ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي.

مثال ڇا ملي، هر سال گذريل ورهيه جو رڪارڊ ٽوڙي ٿو. ڪرپشن جي عالمگير جائزو وٺندڙ اداري ٽرانسپرنسي انٽرنيشل جي سي. پي. آءِ انڊيڪس موجب 2023ع جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته، “سرڪار جي سڀني دعوائن جي باوجود ملڪ ۾ ڪرپشن ختم ٿيڻ جي بجاءِ وڌي رهي آهي!” ملڪ، ڪرپشن جي رينڪنگ ۾ بد کان بدترين درجي ڏانهن تيزيءَ سان گامزن نظر اچي ٿو. سال 2018ع ۾ پاڪستان ڪرپشن جي درجي ۾ 117 تي هو. ٻئي سال 120 ته ٽئين سال 124 تي ته گذريل سال 133 نمبر تي اچي ويو. هن سال جو حال به ساڳيو رهندو. 180 ملڪن مان 133 نمبر ڪيڏو ڀيانڪ آهي، پر اسان کي ان جي ڪهڙي پرواه، جڏهن بدعنواني قومي راند جي صورت اختيار ڪري وڃي، نتيجو هر گذرندڙ لمحي سان ٽٽندڙ معاشرو، جنهن ۾ ماڻهن جي اک ۾ ڄڻ وار اچي ويو هجي. بي رحمي ايتري جو هاڻي پاڻ کان ڊپ ٿيڻ لڳو آهي!