حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيسڪو پاران ريجن ۾ بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته مختلف علائقن ۾ رهتون ادا نه ڪندڙ صارفين جي ڳوٺن ۽ علائقن مان 122 بجلي جا ٽرانسفارمر لاهي تحويل ۾ وٺي لاڳاپيل آفيسن ۾ منتقل ڪيا ويا آهن جڏهن ته هيستائين صارفين کان رهتن جي ادائيگي مان انهن 64 ڪروڙ 29 لک رپيا وصول ڪيا. ترجمان موجب ته حيدرآباد سرڪل ۾ صارفين تي 3 ڪروڙ 7 لک 68 هزار 524 رپيا رهتون هيون جيڪي ادا نه ڪرڻ تي ٽيمن پاران 39 بجلي جا ٽرانسفارمر لاٿا ويا جڏهن ته لاڙ سرڪل ۾ صارفين پاران 4 ڪروڙ 37 لک 68 هزار 203 رپيا رهتون ادا نه پئي ڪيون ويون جتان به بجلي جا 47 ٽرانسفارمز لاهي آفيسن ۾ منتقل ڪيا ويا آهن. اهڙي ريت نوابشاهه سرڪل مان بجلي جا 30 ٽرانسفارمز لاٿا ويا آهن اتي به صارفين وٽ 47 لک 34 هزار رپيا رهتون هيون. ساڳئي ريت ميرپورخاص سرڪل مان بجلي جا 6 ٽرانسفارمر لاٿا ويا آهن اتي صارفين تي 1 ڪروڙ 31 لک 70 هزار رپيا رهتون هيون. حيسڪو پاران بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف شروع ڪيل مهم جي سلسلي ۾ حيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته حيسڪو جا 13 لک صارفين آهن جن تي 169 ارب کان وڌيڪ رهتون آهن. هن چيو ته آپريشن سب ڊويزن نوابشاهه سوسائٽي دوڙ، شهدادپور، سانگهڙ، ڀٽ شاهه ۽ ٻين سب ڊويزنن ۾ بجلي چورن خلاف ڪارروائي خلاف هن وقت تائين 8 ڪروڙ 64 لک کان وڌيڪ ڏنڊ، 2 ڪروڙ 87 لک 32 هزار رپيا وصولي ۽ بجلي چورن خلاف 296 ڪيس داخل ڪرائي 668 ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ليٽر جمع ڪرايا ويا آهن.