حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (حيسڪو) ۾ وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. 20هين گريڊ جي ڪجهه سينيئر آفيسرن کي هٽائي سندن جاءِ تي 19هين گريڊ جي جونيئر آفيسرن کي اضافي چارجن سان نوازيو ويو آهي جنهن سبب حيسڪو جي سينيئر آفيسرن ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي
حيسڪو ۾ ٻن مرحلن دوران ٿيل بدلين ۽ مقررين جي پهرين مرحلي ۾ حيسڪو جي گريڊ 17هين کان 20هين جا 57 آفيسر بدلي ڪيا ويا جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 64 ايس ڊي اوز بدلي ڪيا ويا آهن. حيسڪو جي ڊي جي ايڇ آر اينڊ ايڊمن ڊائريڪٽر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق گريڊ 20هين جي چيف انجنيئر محمد روشن اوٺو کي پي اينڊ اي مان بدلي ڪري کين جي ايم ٽيڪنيڪل سان سلهاڙيو ويو آهي. محمد روشن اوٺو کي سنڌ گورنمينٽ جي بلنگ اينڊ رڪوري سيڪشن جي مانيٽرنگ جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن. سندس جاءِ تي جي ايم ٽيڪنيڪل گل منير سرهيو کي چيف انجنيئر پي اينڊ اي جي لڪ آفٽر چارج ڏني وئي آهي
هڪ ٻي آرڊر تحت گريڊ 20هين جي چيف انجنيئر چيف ڪمرشل آفيسر حيسڪو نثار احمد ميمڻ کي هٽائي کيس به جي ايم ٽيڪنيڪل سان سلهاڙيو ويو آهي جڏهن ته سندس جاءِ تي 19هين گريڊ جي مئنيجر ڪمرشل ذڪي مختيار کي چيف ڪمرشل آفيسر جي اضافي چارج حوالي ڪئي وئي آهي. گريڊ 20هين جي چيف آپريٽنگ آفيسر عبدالغفور شيخ کي هٽائي کيس به جي ايم ٽيڪنيڪل سان سلهاڙيو ويو آهي جڏهن ته سندس جاءِ تي 19هين گريڊ جي سپرنٽينڊنگ انجنيئر جي ايس او سرڪل حيسڪو رميش ڪمار کي قائم مقام چيف آپريٽنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي
19هين گريڊ جي سپرنٽينڊنگ انجنيئر آپريشن سرڪل نوابشاهه ذوالفقار علي ميمڻ کي بدلي ڪري کيس جي ايم ٽيڪنيڪل وٽ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سندس جاءِ تي سپرنٽينڊنگ انجنيئر آپريشن لاڙ سرڪل حيسڪو گلزار احمد دستي کي بدلي ڪري ايس اي آپريشن سرڪل نوابشاهه مقرر ڪيو ويو آهي