حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيسڪو پاران ريجن ۾ بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري 94 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرائي 26 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ حيسڪو ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حيدرآباد، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، نوابشاهه، ٺٽي، بدين، عمرڪوٽ، مٽياري ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ باقيدارن کان 3 ڪروڙ 57 لک رپيا رهتون وصول ڪيون ويون آهن جڏهن ته ڄاڻايل علائقن ۾ بجلي چوري ۾ ملوث 285 چورن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ مختلف ٿاڻن تي ليٽر به جمع ڪرايا ويا آهن. 111 بجلي چورن خلاف ٿاڻن تي درخواستون ڏنيون ويون آهن لاڙ سرڪل ۾ 72، ميرپورخاص سرڪل جي 35 ۽ نوابشاهه سرڪل جي 67، ٽنڊو الهيار جي 26، ڪوٽڙي جي 15، ٽنڊو محمد خان جي 18، ٺٽي جي 7 ۽ بدين ۾ 8 ڪيسن لاءِ ٿاڻن کي ليٽر ڏنا ويا هئا. ترجمان جي دعويٰ آهي ته حيسڪو ريجن ۾ هيستائين بجلي چورن خلاف 94 ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن جن ۾ حيدرآباد جي قاسم آباد ۽ لطيف آباد جي ٿاڻن تي 15 ڪيس، ٺٽي ۾ 4 ۽ بدين ۾ 4، ميرپورخاص ۾ 3 ۽ عمرڪوٽ ۾ 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن جڏهن ته بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ باقيدارن کان رهتون وصول ڪرڻ وارو سلسلو اڄ به جاري رهندو.