حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيسڪو ترجمان پڌرو ڪيو آهي ته 7 سيپٽمبر کان بجلي چوري ۽ رهتن جي وصولي لاءِ شروع ڪيل مهم جي سلسلي ۾ هن وقت تائين 7 ارب 87 ڪروڙ 40 لک رپين جي وصولي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ باقيدارن کان 7 ارب 87 ڪروڙ 69 لک جڏهن ته ڏنڊ جي مد ۾ 5 ڪروڙ 70 لک 98 هزار رپيا وصول ڪيا ويا آهن. ترجمان موجب 14 نومبر تي وصولي جي مد ۾ 10 ڪروڙ 27 لک وصول ڪيا آهن جڏهن ته 3 ڪروڙ 50 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ جي رقم وصول ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب 35 ٽرانسفارمرز تان بجلي ڪاٽي وئي آهي جن تي 15 ڪروڙ 91 لک 87 هزار کان وڌيڪ جون رهتون آهن. ترجمان موجب 334 ٽرانسفارمرز لاٿا ويا آهن ۽ 2 هزار 190 ٽرانسفارمرز تان بجلي ڪاٽي وئي آهي. ڪل 2524 ٽرانسفارمرز جي بجلي ڪاٽي وئي آهي جن تي 6 ارب 11 ڪروڙ 53 لک 92 هزار رپين کان وڌيڪ رهتون آهن. ترجمان موجب 3 هزار 885 بجلي چوري ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ليٽر ٿاڻن تي جمع ڪرايا ويا آهن جڏهن ته 580 ڪيس داخل ٿي چڪا آهن جنهن ۾ 92 بجلي چور گرفتار پڻ ٿيا آهن.