حيدرآباد( بيورو رپورٽ)قاسم آباد ۾ حيسڪو پاران هڪ ڏينهن اڳ سٽيزن ڪالوني جي رهواسي75ڄڻن جي ڊيوٽي اٽڪاءِ، هل هنگامي ۽ ڌمڪين ڏيڻ جي ڪيس ۾ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي جوابدارن گل محمد سومرو،سڪندر بروهي، وريش ڪمار، ايسر مل،راج ڪمار ۽ هريرام ضمانت جي درخواست ڏني هئي، فورٿ ايڊيشنل سيشن جج غلام مرتضيٰ بلوچ جي عدالت دليل ٻڌڻ بعد جوابدارن کي 25، 25 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظورڪري ورتي. ڀٽائي نگر پوليس حيسڪو سب ڊويزن سٽيزن ڪالوني جي ايس ڊي او سيد عاقب شاهه جي فرياد تي ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، فريادي موقف اختيار ڪيو ته 26 مارچ تي هو ٽيم سان گڏ بجلي چورن خلاف ڄاڻايل علائقي ۾ آپريشن ڪرڻ لاءِ ويو هو جتي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ڊيوٽي ۾ مداخلت ڪندي کين ڪم کان روڪيو ۽ گارگند ڪرڻ سان گڏ جاني نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون هيون.