حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيسڪو ريجن ۾ بجلي چورن خلاف ڪارروايون ڪري 12 ٽيوب ويل، هڪ اٽي جي چڪي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي سي اين جي اسٽيشن جي بجلي ڪاٽي 29 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪاررواين دوران مختلف ٿاڻن تي 267 بجلي چورن خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن. حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي جي عثمان شاهه واري علائقي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي سي اين جي اسٽيشن جي به بجلي رهتون ادا نه ڪرڻ سبب ڪاٽا ڪري ڇڏي آهي. ايڪسين عاقب شاهه موجب ته پي ٽي آءِ اڳواڻ تي 15 لک رپيا رهتون هيون ۽ هن هڪ سال کان سي اين جي اسٽيشن جو هڪ بل به ادا نه ڪيو هو ۽ سياسي مداخلت سبب هو ڪارروائي نه پئي ڪري سگهيا پر هاڻي نگران وزيراعظم جي حڪم تي عمل ڪندي انهن سندس سي اين جي اسٽيشن جي بجلي ڪٽي ڇڏي آهي. ڳوٺ درگاهه قاسم شاهه، ڳوٺ احمد علي هاليپوٽو، ڳوٺ وڪيو ميربحر ۽ ڳوٺ صديق شيخ سميت چئن ڳوٺن مان 4 بجلي جا ٽرانسفارمر لاهي آفيس منتقل ڪيا آهن. ڄاڻايل ٽرانسفارمرز مان 93 غيرقانوني ڪنيڪشنز ذريعي بجلي چوري ڪئي پئي وڃي جڏهن ته هڪ ٽرانسفارمر تي 65 هزار 700 رپيا رهتون به هيون. ترجمان موجب بجلي واري وفاقي وزارت پاران بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف ڪاررواين واري اعلان کانپوءِ ريجن ۾ حيسڪو عملي پاران 443 ماڻهن خلاف بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ليٽر جمع ڪرايا ويا آهن. ڪاررواين دوران حيسڪو ٽيمن ڀٽ شاھ ۾ ٻن سالن کان ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳائي اٽي چڪي ۽ 12 ٽيوب ويلن جا ڪنيڪشن به ڪٽيا ويا آهن جڏهن ته بجلي چوري ۾ ملوث ڀٽ شاهه جي اڳوڻي ۽ سڪرنڊ جي هاڻوڪي ايس ڊي او غياث الدين شيخ کي معطل ڪيو ويو آهي. ترجمان اها به دعويٰ ڪئي ته بجلي چورن کان هيستائين 4 ڪروڙ 28 لک 18 ھزار ڏنڊ وصول ڪيو آهي جڏهن ته باقيدارن کان 5 ڪروڙ 85 لک رپيا رهتون به وصوليون ڪيون ويون آهن.