حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيسڪو پاران ريجن ۾ بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون وارو سلسلو جاري آهي. ترجمان موجب حيدرآباد، ٺٽو، عمرڪوٽ،  بدين، ميرپورخاص، سڪرنڊ، نوابشاهه، ٽنڊوالهيار، چمبڙ، ڪوٽڙي، ڄامشورو، نوري آباد، سيوهڻ، ڀان سعيد آباد، سانگهڙ، قاضي احمد، دولتپور، سعيد آباد، ٽنڊو آدم ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاررواين دوران 4690 غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽي 15 ٽرانسفارمر لاهي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن. ترجمان موجب 50 ڪي وي جو غيرقانوني ٽرانسفارمر به لاٿو ويو آهي جنهن ذريعي زرعي زمين تي چوري جي بجلي استعمال ڪري ٽيوب ويل هلايو پئي ويو. 35 جوڙيل ٽيمن لاڳاپيل ٿاڻن تي 100 کان وڌيڪ بجلي چورن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ به درخواستون ڏئي ڇڏيو آهي. ترجمان دعويٰ ڪئي ته ڪاررواين دوران حيسڪو ٽيمن رهتن جي مد ۾ صارفين کان 3 ڪروڙ 5 لک 3 هزار رپيا به رهتون وصول ڪيون آهن.